Book Name:Rah e Khuda Mein Safar Ke Fazail
۾ پنهنجو ڪو به گهر نه ٺاهيو هو، هميشه راھِ خدا ۾ سفر ڪندا رهندا هئا، ماڻهن کي نيڪي جي دعوت ڏيندا رهندا ها، هڪ ڀيرو اوهان کان ڪنهن پڇيو: اي الله پاڪ جا نبي عَلَيۡهِ السَّلَام توهان جو گهر ڪهڙو آهي؟ فرمايائون: منهنجو گهر مسجد آهي.[1]
ڇوته حضرت عيسي عَلَيۡهِ السَّلَام جي هيءَ خصوصي شان آهي ته پاڻ هميشه راھِ خدا ۾ سفر ڪندا رهندا هئا، انڪري فرمايائون: جيڪي دين لاء هِتي کان هُتي، اُتان کان هتي سفر ڪندا رهندا آهن، قيامت جي ڏينهن انهن کي حضرت عيسي عَلَيۡهِ السَّلَام جو قرب نصيب ٿيندو.
پيارا اسلامي ڀائر! اهي اسلامي ڀائر جيڪي راھِ خدا ۾ سفر جو ذهن ناهن رکندا، نمازون پڙهندا آهن، روزا رکندا آهن، حلال روزي ڪمائندا آهن، ٻيا نيڪ ڪم ڪندا آهن پر راھِ خدا ۾ سفر ڪرڻ هنن جي ڊڪشنري ۾ ئي شامل ناهي، اهي ٿورو غور ڪن، راھِ خدا جو مسافر ٿيڻ ڪيترو ضروري ۽ اهم ڪم آهي.
شيخ شهاب الدين سهروردي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڏي هستي آهن، سلسله سهرورديه جا پيشوا آهن، پاڻ اهي هستي آهن جو حضور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سندن سيني تي هٿ رکيو، فرمائن ٿا: ان جي برڪت سان منهنجو سينو علم لدني(يعني الله پاڪ جي طرف کان عطا ٿيل خاص علم) سان ڀرجي ويو.[2]
شيخ شهاب الدين سهروردي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: تهجد پڙهڻ، روزا رکڻ ۽ نفل نمازون پڙهڻ سان دل تي جيڪو اثر ٿيندو آهي ائين ئي راه خدا ۾ سفر ڪرڻ سان به اثر ٿيندو آهي. [3]