Book Name:Rah e Khuda Mein Safar Ke Fazail
قبول ٿينديون * گهريلو ناچاقيون ۽ ناجائز مقدمن کان ڇوٽڪارو ملندو *نيڪ ماڻهن جي صحبت ملندي * سنتن تي عمل ڪرڻ، نيڪ بڻجڻ ۽ گناهن کان بچڻ جو ذهن ملندو * دنيا ۽ آخرت جون ڀلايون نصيب ٿينديون.
الحمد لله 3 ڏينهن، 12 ڏينهن، هڪ مهيني ۽ 12 مهينن جا مدني قافلا سفر ڪندا رهندا آهن بلڪ هاڻي ته سڀاڻي کان يعني 15 نومبرکان ماھِ مدني قافلو شروع ٿي رهيو آهي، يعني امير اهلسنت مولانا محمد الياس عطار قادري 15 نومبر کان 15 ڊسمبر تائين ماھِ مدني قافلو ملهائڻ جو اعلان فرمايو آهي، مدني قافلو ديني ڪم آهي، نيڪي جو ڪم آهي، نيڪ ڪم ڪرڻ ئي گهرجن، البته هن مهيني ۾ خصوصي طورتي گهڻي کا گهڻا مدني قافلا سفر ڪندا. توهان به ماھِ مدني قافلو ملهايو پاڻ به سفر ڪيو ۽ پنهنجي مائٽن، پٽن، ڀائرن، سوٽن ۽ دوستن کي ان جي ترغيب ڏياريو ۽ سفر ڪرايو موبائل تي، واٽس ايپ، ايس ايم ايس جي ذريعي، جنهن سان ملاقات ٿئي، گفتگو ٿئي مدني قافلن جي ترغيب ڏياريندا رهو اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو ثواب ملندو.
بارہ مَہ کیلئے تیس دن کیلئے بارہ دن دے ہی دیں قافِلے میں چلو
سنّتیں سیکھنے تین دن کیلئے ہر مہینے چلیں قافِلے میں چلو
یاخدا ہر گھڑی رٹ ہو عطارؔ کی قافِلے میں چلیں قافِلے میں چلو
الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم؛ فجر جي لاء جاڳائڻ .
پيارا اسلامي ڀائر! خوف خدا حاصل ڪرڻ ۽ نيڪ نمازي بڻجڻ لاء عاشقان رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي جي 12 ديني ڪمن ۾ عملي طور حصو وٺو! دعوت اسلامي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم فجر لاء