Book Name:Rah e Khuda Mein Safar Ke Fazail
حديث پاڪ ۾ آهي! اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیَّات عملن جو دارو مدار نيتن تي آهي.[1]
اي عاشقان رسول! سٺيون سٺيون نيتون ڪرڻ سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي اچو ته ! بيان ٻڌڻ کان پهرين سٺيون سٺيون نيتون ڪيون ٿا، نيت ڪيو ! *رضائي الاهي جي لاء بيان ٻڌندس * با ادب ٿي ويهندس *نهايت توجه سان بيان ٻڌندس *جيڪو ٻڌندس ان کي ياد رکندس پاڻ به عمل ڪندس ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
ڪاش ! هن جو انتقال هتي نه ٿئي ها
صحابي رسول حضرت عبد الله بن عمر رَ ضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: هڪ صحابي رَ ضِىَ اللهُ عَنْهُ مديني شريف جو رهائشي هو، اتي ئي انهن جي پيدائش ٿي، آخر مديني شريف ۾ ئي ان جو انتقال ٿي ويو، ان جو جنازو تيار ڪيو ويو، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم نماز جنازه پڙهائي. نماز جنازه پڙهائڻ کانپوءِ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو؛ یَالَیْتَہٗ مَاتَ بِغَیْرِ مَوْلِدِہٖ ڪاش! هن جو وصال اُن جي مرڻ واري هنڌ کان علاوه ڪنهن ٻي شهر ۾ ٿئي ها.
اُن تي صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم حيران ٿي ويا، عرض ڪيائون: يا رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم هن ۾ ڇا راز آهي ؟ فرمايائون: جڏهن ماڻهو پنهنجي ڄمڻ واري جاءِ کان علاوه ٻي شهر ۾ مرندو آهي ته هن جي پيدائش واري جاءِ کان وٺي مرڻ واري هنڌ تائين سڄي زمين جي ماپ ڪري اوتري جڳهه جنت ۾ عطا ڪئي ويندي آهي.[2]