Book Name:Rah e Khuda Mein Safar Ke Fazail
جاڳائڻ به آهي.
فجر جي لاءِ جاڳائڻ سُنت مصطفيٰ آهي. * الله پاڪ جي آخري نبي، رسول هاشمي فجر جي لاءِ ويندي سُتل کي جاڳائيندا هئا. (ابو داؤد، کتاب الصلاۃ، باب الاضطجاع، صفحہ:208، حدیث:1264۔) * مسلمانن جا ٻيا خليفا حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ نمازِ فجر جي لاءِ ماڻهن کي جاڳائيندي مسجد تشريف وٺي ويندا هئا. (مشکاۃ المصابیح، کتاب الصلاۃ، باب التحریص علی قیام اللیل، جلد:1، صفحہ:244، حدیث:1240۔) مسلمانن جا چوٿان خليفا حضرت علي المرتضي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ هن پياري پياري سُنت جا عامل هئا (تاریخ الخلفاء، ذِکْر علی بن ابی طالب، فصل فی مبایعۃ علی بالخلافۃ، صفحہ:112۔) * اوهان به اُها سُنت اپنايو! نماز ِ فجر جي لاءِ جاڳائيندا ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تمام گهڻيون برڪتون ملنديون * صبح صبح نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو ثواب ملندو. * اوهان جي جاڳائڻ سان جيترا ماڻهو نماز پڙهندا، انهن سڀني جي نمازن جو ثواب انهن کي به ملندو ۽ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! اوهان جي اعمالنامي ۾ به لکيو ويندو * صبح صبح پيادل هلڻ جو موقعو ملندو ته صحت به چڱي رهندي. * هڪ اهم فائدو هي به آهي ته مسجد جي رونق وڌي ويندي، هڪ اسلامي ڀاءَ جو بيان آهي ته: اسان سردين ۾ فجر جي لاءِ جاڳائڻ شروع ڪيو ته ايترا نمازي وڌيا جو مسجد جو ورانڊي ۾ شاميانا لڳائڻ پئجي ويا. سُبْحٰنَ اللہ!.
ڪا مشڪل ناهي، جماعت جي وقت کان پهريان 20، 25 منٽ پهريان اٿي وڃو! نماز فجر جي لاءِ ته وڃڻو ئي آهي، صدا لڳائيندا وڃو! مسجد به پڄي ويندا ۽ الله پاڪ جي فضل سان نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو ثواب به ملي ويندو. نيت ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! فجر جي نماز جي لاءِ جاڳائيندس.
ضلع اوڪاڙه (پنجاب، پاڪستان) جي شهر دِيپالپور جي اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي ته منهنجا چاچا محمد رفيق عطاري دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان