Book Name:Rah e Khuda Mein Safar Ke Fazail
اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هڪ بهترين انداز ۾ سفر جي سعادت به نصيب ٿي ويندي پنهنجي ۽ ٻين جي اصلاح جو سامان به هٿ ايندو.
بے عمل باعمل بن گئے خاص کر آپ بھی دیکھ لیں قافِلے میں چلو
خوب ہوگا ثواب اور ٹلے گا عذاب پاؤ گے بخششیں، قافلے میں چلو
بے شک اعمالِ بد اور اَفعالِ بد کی چھٹیں عادتیں ، قافِلے میں چلو
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائر! الحمد لله مدني قافلو عبادت نه بلڪ عبادتن جو مجموعو آهي، نيڪي نه، نيڪين جو مجموعو آهي، خير نه بلڪ خير ۽ ڀلائين جو مجموعو آهي. مدني قافلي ۾ سنتون سکيون ۽ سيکاريون وينديون آهن *علم دين جو درس ڏنو ۽ ٻڌو ويندو آهي* ديني بيانات ڪيا ۽ ٻڌا ويندا آهن *پنهنجي اعمال جو جائزو وٺڻ لاء حلقو لڳايو ويندو آهي *نماز تهجد، اشراق، چاشت،اوابين ۽ نماز توبه جا نفل پڙهڻ جي سعادت ملندي آهي *قرآني سورتون ياد ڪيون وينديون آهن * فرض نمازون با جماعت مسجد ۾ پڙهڻ جي سعادت ملندي آهي*۽ نيڪ ماڻهن جي صحبت نصيب ٿيندي آهي.
پيارا اسلامي ڀائر! مدني قافلو علم دين سکڻ ۽ سيکارڻ جو بهترين ذريعو آهي. الحمد لله! مدني قافلي جي برڪت سان*سنتون سکڻ لاءِ ملنديون آهن * وضو * غسل * ۽ نماز جا ضروري مسائل ۽ احڪام سکڻ جي لاءِ ملندا آهن *قرآن ڪريم جون مختصر سورتون ياد ڪرڻ جي سعادت ملندي آهي.