Book Name:Rah e Khuda Mein Safar Ke Fazail
گهرن مان نڪرڻو پوندو، راه خدا ۾ سفر ڪرڻو پوندو، حضرت بشر حافي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائيندا هئا: اي قاريو اي حق جا طلبگارو.....!! سفر ڪيو پاڪ ٿي ويندؤ. [1]
مدني قافلن تي ايترو زور ڇو آهي
هڪ ڀيرو امير اهلسنت مولانا محمد الياس عطار قادري جي خدمت ۾ سوال ٿيو، توهان مدني قافلن تي ايترو زور ڇو ڏيندا آهيو؟ هر وقت بس هڪ ئي ڳالهه هوندي آهي: مدني قافلن ۾ هلو! قافلي ۾ هلو! قافلي ۾ هلو....! آخر هن ۾ ڇا راز آهي؟
امير اهلسنت دامت برڪاتهم العاليه اُن جي جواب ۾ وڏي حڪمت ڀري ڳالهه ارشاد فرمائي، فرمايائون: پاڻي جڏهن هڪ هنڌ بيٺل هوندو آهي ته خراب ٿي ويندو آهي، هلندو رهندو آهي ته پاڪ صاف رهندو آهي. يعني اسان به جڏهن هڪ ئي جڳهه تي پيل هوندا آهيون، گهر کان دڪان، دڪان کان گهر، هڪ ئي روٽين سان زندگي گذاريندا رهندا آهيون ته اُن جي سبب به تمام گهڻيون باطني بيماريون لڳي وينديون آهن، مدني قافلن ۾ سفر جو انهي ڪري چيو ويندو آهي ته حرڪت ڪندا رهندا، گهٽ ۾ گهٽ هر مهيني 3 ڏينهن جي مدني قافلن ۾ سفر ڪندا رهنداسين ته هوا تبديل ٿيندي رهندي، راھِ خدا ۾ سفر جي برڪت سان باطني بيمارين جو علاج ٿيندو رهندو ۽ اسان اندر کان پاڪ صاف ٿئي اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم نيڪ ۽ باڪردار مسلمان بڻجي وينداسين.
لوٹنے رحمتیں قافِلے میں چلو سیکھنے سنتیں قافِلے میں چلو
چاہو گر بَرَکتیں قافِلے میں چلو پاؤگے عظمتیں قافِلے میں چلو
الفتِ مصطَفٰے اور خوفِ خدا چاہئے گر تمہیں قافِلے میں چلو