Rah e Khuda Mein Safar Ke Fazail

Book Name:Rah e Khuda Mein Safar Ke Fazail

ڪيتري پياري جزاء آهي، ڪيترو پيارو انعام آهي، جيڪي ماڻهو نماز اَوابين پڙهندا آهن، انهن جي لاء الله پاڪ اهڙيون نعمتون تيار ڪري رکيون آهن، جن کي ڏسي اکيون ٿڌيون ٿي وينديون. هاڻي هيءَ نماز اوابين ڇا آهي؟ اشراق چاشت جي نماز ڪهڙي آهي؟ مدني قافلن ۾ سفر ڪيو!  اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! انهن نمازن جي معلومات به ملندي ۽ گڏوگڏ هي نمازون پڙهڻ جي سعادت به ملي ويندي.

نيڪيون وڌائڻ جو ذريعو

فرمان مصطفي  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  آهي: اِنَّ الدَّآلَّ عَلَی الْخَیْرِ کَفَاعِلِهٖ  يعني نيڪي جو رستو  ڏيکارڻ وارو نيڪي ڪرڻ واري جيان آهي.[1] مشهور مفسر قرآن مفتي احمد يار خان نعيمي  رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: نيڪي ڪرڻ وارو، ڪرائڻ وارو،  ٻڌائڻ وارو ۽ صلاح ڏيڻ وارو سڀئي ثواب جا حقدار آهن.[2]

جڏهن ڪنهن کي نيڪي جي دعوت ڏيو ته پاڻ اُن نيڪي تي استقامت ملي ويندي آهي، بلڪ جيڪڏهن ڪمزوري به هجي ته اُن جي دور ٿيڻ جو اِمڪان وڌي ويندو آهي، ان ڪري مدني قافلن ۾ سفر ڪرڻ سان نيڪين تي نه صرف استقامت نصيب ٿيندي آهي بلڪ اُن ۾ اضافو به ٿيندو ويندو آهي ته جڏهن مدني قافلن جا مسافر ٻين کي نيڪي جي دعوت پيش ڪندا ته جيترا ماڻهو اُن جي دعوت تي لبيڪ چئي عمل شروع ڪندا ته انهن سڀني جي عملن جي برابر دعوت ڏيڻ وارن کي  به ثواب ملندو ڇو ته پياري آقا مڪي مدني مصطفيٰ  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  جو فرمانِ  برڪت نشان آهي: جيڪو هدايت جي طرف سڏي، ان کي تمام عمل ڪرڻ وارن جيترو ثواب ملندو ۽ اُن (عمل ڪرڻ وارن) جي ثواب ۾


 

 



[1] ترمذی، ص628،حدیث:2670۔

[2] مراٰۃ المناجیح، 1/194۔