Rah e Khuda Mein Safar Ke Fazail

Book Name:Rah e Khuda Mein Safar Ke Fazail

الله اڪبر! ڪيڏي وڏي ڳالهه آهي.......!! تهجد پڙهڻ سان ڇا ٿيندو آهي * دل مان گناهن جي مير صاف ٿي ويندي آهي*دل ۾ نور ايندو آهي *باطني بيماريون ٺيڪ ٿي وينديون آهن* نيڪين ۾ دلچسپي وڌندي آهي*گناهن کان نفرت ملندي آهي *باطن صاف سٿرو چمڪدار ٿي ويندو آهي ۽ صوفيائي ڪرام وٽ هي ڳالهه به طئي آهي ته تهجد جي نماز ۽ نفل روزا تيزيءَ سان دل کي پاڪ ۽ صاف ڪندا آهن، شيخ شهاب الدين سهروردي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائي رهيا آهن:* دل کي پاڪ صاف * اجرو چمڪدار بڻائڻ ۾ جيڪا تاثير تهجد ۾ آهي * جيڪا تاثير نفل روزن ۾ آهي * جيڪا تاثير نفل نمازن ۾ آهي اها ئي تاثير راھِ خدا جو مسافر بڻجڻ ۾ به آهي، يعني جيتري تيزي سان دل تهجد جي برڪت سان صاف ٿيندي آهي، ايتري ئي تيزي سان راھِ خدا جو مسافر بڻجڻ سان به  دل صاف ٿيندي آهي.

دل کی کَلیاں کِھلیں قافِلے میں چلو                                                                                                          رنج وغم بھی مِٹیں قافلے میں چلو

فضل کی بارِشیں، رَحمتیں نعمتیں                                                                                                            گر تمھیں چاہئیں قافلے میں چلو

 

راه خدا ۾ سفر  جا ديني فائدا

شيخ شهاب الدين سهروردي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  مزيد فرمائن ٿا: جيئن دباغت(يعني چمڙي کي لوڻ هڻڻ ، ان کي سڪائڻ ۽ صاف ڪرڻ سان) چمڙو نرم و ملائم ٿي ويندو آهي، ان جي بوءِ ختم ٿي ويندي آهي، هي پاڪ صاف ٿي ويندو آهي، ائين ئي راھِ خدا ۾ سفر جي برڪت سان نفس اماره (يعني برائين تي اڀارڻ وارو نفس ) نرم، پاڪ صاف ۽ خوشبو دار ٿي ويندو آهي، هن جي سرڪشي ختم ٿي ويندي آهي،  ائين هي برائين تي نه اڀاريندو آهي بلڪ نورِ ايماني سان روشن ٿي نيڪ ڪمن جو عادي ٿي ويندو آهي.[1]


 

 



[1] عوراف المعارف  ،باب   السادس عشر...الخ، صفحہ: 75بتصرف