Rah e Khuda Mein Safar Ke Fazail

Book Name:Rah e Khuda Mein Safar Ke Fazail

کان علاوه اهي ماڻهو جيڪي باقاعده دين جي طرف رجحان رکندا آهن *ڏاڙهي شريف سجايل آهي * مٿو ڍڪي رکندا آهن * نماز پڙهندا آهن *روزا رکندا آهن* تلاوت ڪندا آهن* ديندار آهن ۽ سڏرائيندا به آهن،  انهن ماڻهن جي به عام طور اها سوچ هوندي آهي ته دين صرف ايترو ئي آهي *  نمازون پڙهو * روزا رکو * حلال ڪمايو*حلال کائو *الله پاڪ جا حقوق ادا ڪيو *ٻانهن جا حقوق ادا ڪيو بس.....! راه خدا ۾ سفر انهن جي ڊڪشنري ۾ ئي نه هوندو آهي *اسان بس اسٽينڊ جو وزٽ ڪيون*ريلوي اسٽيشن هليا وڃون *ايئر پورٽ تي هليا وڃون * روزانو هزارين نه لکين ماڻهو سفر ڪن ٿا * ڪو پنهنجي مائٽن سان ملڻ پيو وڃي * ڪو رزق حلال جي لاء سفر  ڪري رهيو آهي *ڪو ڪنهن شادي ۾ پيو وڃي *ڪو سير و تفريح لاء وڃي رهيو آهي.

يعني ماڻهن جو اهو ذهن هوندو آهي ته سفر صرف انهن ئي مقصدن لاء ڪيو ويندو آهي، باقي رهيو دين....!! اُن جي لاء سفر ڪرڻ جو عام طور ڪو ذهن ناهي هوندو، ماڻهو هي سمجهي رهيا هوندا آهن ته راه خدا  ۾ سفر *مولوي حضرات جو ڪم آهي *ديني ماڻهن جو ڪم آهي *جيڪي پٽڪو پائن ٿا انهن جو ڪم آهي *جنهن کي ڏاڙهي آهي *جن کي پري کان ڏسي اسان سُڃاڻي وٺندا آهيون ته هو اسلامي ڀاءُ اچي رهيو آهي، را راھِ خدا ھ خُدا ۾ سفر ڪرڻ بس انهن جو ڪم آهي.  

نه.......!! پيارا اسلامي ڀائرو! راھِ خدا ۾ سفر دين جو حصو آهي، هيءَ هڪ مستقل نيڪي آهي جيئن نماز پڙهڻ نيڪي آهي *روزو رکڻ نيڪي آهي *تلاوت ڪرڻ نيڪي آهي * صدقو ڏيڻ نيڪي آهي * ائين ئي راھِ خدا ۾ سفر به هڪ * مستقل نيڪي آهي ۽ ان تي ثواب ملندو آهي.