Book Name:Kar Saman Chalne Ka
دنيا جو مثال ڦاٽل ڪپڙي جهڙو آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! ڳالهه واقعي سچي آهي، اسان اڄ جنازا کڄندي ڏسندا آهيون، ماڻهن کي قبرن ۾ لهندي ڏسندا آهيون، قبرستان جي آبادي لڳاتار وڌي رهي آهي، اسان سان گڏ رهڻ وارا، گڏ اٿڻ ويهڻ وارا هڪ هڪ ڪري دنيا مان روانا ٿي رهيا آهن، وقت اسان وٽ به گهڻو ناهي، موت بس اچڻ ئي وارو آهي۔ اسان جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَثَلُ هَذِهِ الدُّنْيَا مَثَلُ ثَوْبٍ شُقَّ مِنْ أَوَّلِهِ إِلَى آخِرِهِ يعني هن دنيا جو مثال هڪ ڪپڙي وانگر آهي ۽ ڪپڙو به اهڙو جيڪو شروع کان آخر تائين ڦاٽل آهي، فَبَقِيَ مُتَعَلِّقًا بِخَيْطٍ فِي آخِرِهِ فَيُوشِكُ ذَلِكَ الْخَيْطُ أَنْ يَنْقَطِعَ بس آخر ۾ رڳو هڪ ڌاڳي سان اٽڪيل آهي، ويجهو آهي ته اهو ڌاڳو به ٽٽي وڃي. ([1])
ڪنهن شاعر ڏاڍي خوبصورت منظر ڪشي ڪئي آهي:
اِک یہ جہاں، اِک وہ جہاں، دونوں جہاں کے درمیاں
ہے فاصلہ اک سانس کا، گر آگئی تو یہ جہاں، گر رُک گئی تو وہ جہاں
اها صرف هڪ ڏوري ئي ته آهي، بلڪل مختصر ڏوري، ڪمزور ڏوري ...!! ڪجهه گهڙيون آڪسيجن نه ملي ته ساهه گهُٽجڻ لڳندو آهي، اٽڪڻ لڳندو آهي، بس اها ڏوري ٽٽڻ جي دير آهي، ماڻهو دنيا کان رخصت ٿي ويندو آهي، دنيا جي اها ئي حقيقت آهي.
صحابئ رسول حضرت عبدالله بن عمرو رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن مان ۽ منهنجو والد صاحب پنهنجي مٽيءَ سان ٺهيل ڪچي گهر جي مرمت ڪري رهيا هئاسين ته اتان رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو گذر ٿيو، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پڇيو: مَا هَذَا يَا عَبْدَ الله؟ اي عبد الله! هي ڇا پيا ڪيو؟ عرض