Book Name:Kar Saman Chalne Ka
زمين ڪو به نقصان ناهي پهچائي سگهندي، حديث پاڪ ۾ آهي: اِنَّ اللہَ حَرَّمَ عَلَی الْاَرْضِ اَنْ تَاْکُلَ اَجْسَادَ الْاَنْبِیَآءِ يعني بيشڪ الله پاڪ نبين جي جسمن کي نقصان پهچائڻ زمين تي حرام ڪري ڇڏيو آهي.([1]) هڪ حديث پاڪ ۾ آهي: اَلْاَنْبِیَآءُ اَحْیَآءٌ فِیْ قُبُورِہِمْ يُصَلُّونَ يعني انبياءِ ڪرام عَلَیْهِمُ السَّلَام پنهنجن قبرن اندر زندهه آهن ۽ نماز پڙهندا آهن. ([2])
امامِ اهلسنت مولانا شاهه امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا:
انبیاء کو بھی اَجَل آنی ہے مگر ایسی کہ فَقط آنی ہے
پِھر اسی آن کے بعد اُن کی حیات مثلِ سابق وہی جسمانی ہے
وضاحت: يعني يقيناﱠ انبياءِ ڪرام عَلَیْهِمُ السَّلَام جي بارگاهه ۾ به موت آيو پر انهن جو موت رڳو عارضي (يعني لمحي ڀر جو) آهي، ان کان پوءِ کين ٻيهر پهريان وانگر زندگي عطا ڪئي ويندي آهي
انبياءِ ڪرام عَلَیْهِمُ السَّلَام جي صدقي ۽ وسيلِي سان ٻيا به ڪيترائي ئي خوشنصيب آهن، جن جي جسمن کي زمين نقصان ناهي پهچائيندي مثال طور: * اولياءِ ڪرام جا مبارڪ جسم قبر ۾ سلامت رهندا آهن. ترمذي شريف ۾ آهي: اڳين امتن مان هڪ وليُ الله، جنهن کي ان وقت جي بادشاهه شهيد ڪيو هو، مسلمانن جي ٻئي خليفي حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي دورِ خلافت ۾ انهن جي قبر کلي وئي، ماڻهن پنهنجين اکين سان ڏٺو ته سندن پاڪ جسم بلڪل صحيح سلامت هو. شهيد ٿيڻ وقت جهڙي طرح ان زخم تي هٿ رکيو هو، هاڻي به ساڳي طرح رکيل هو جڏهن هٿ هٽايو ويو ته جسم مان تازو رت جاري ٿي ويو. ([3])
سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو ته اولياءِ ڪرام به پنهنجي قبرن ۾ زندهه هوندا آهن، انهن جا جسم به قبرن ۾ سلامت رهندا آهن.