Kar Saman Chalne Ka

Book Name:Kar Saman Chalne Ka

پيارا اسلامي ڀائرو! پياري محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي صدقي اسان تي هي ڪيڏيون نه ڪرم نوازيون آهن...!! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! اسان گنهگارن جي بخشش لاءِ  اسان کي بار بار موقعا فراهم ڪيا ويندا آهن * شبِ برات اچي وئي، نجات جي رات آهي. هن رات ۾ بَنُو ڪَلْب (عرب جي قبيلن ۾ سڀني کان وڌيڪ ٻڪريون پاليندڙ) جي ٻڪرين جي وارن جي برابر ماڻهن کي دوزخ کان آزاد ڪيو ويندو آهي         * اڳيان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! رمضان شريف اچي ويندو، رمضان شريف ۾ روزانو هزارين گنهگارن جي بخشش ٿيندي آهي * وري  اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! شبِ قدر به اچي ويندي، اهڙي بابرڪت رات، جيڪا مغرب کان وٺي فجر تائين سلامتي ئي سلامتي آهي، ان رات ۾ فرشتا لهندا آهن، اُن هڪ رات جي عبادت هزار مهينن جي عبادت کان بهتر آهي. ايئن ئي هي موقعا اسان جي لاءِ ايندا ئي رهندا آهن، يعني اسان محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اُمتين لاءِ بخشش ۽ مغفرت جا دروازا هميشه کليل ئي رهندا آهن، ڪاش ! اسان انهن موقعن جو قدر ڪرڻ وارا بڻجي وڃون،  ڪاش! انهن بابرڪت راتين جو صحيح معنيٰ ۾ قدر ڪيون، سچي پڪي توبهه ڪري، گناھ ڇڏي، نيڪين لاءِ تيار ٿي رحمتِ الٰهي جا حقدار بڻجڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون. Top of Form

 

Bottom of Form

مغفرت کا ہوں تجھ سے سُوالی                                                                              پھیرنا اپنے دَر سے نہ خالی

مجھ گنہگار کی التجا ہے                                                                                                                            یاخُدا! تجھ سے میری دُعا ہے

نارِ دوزخ سے مجھ کو اماں دے                                                                           مغفرت کر کے باغِ جِناں دے

کر دے رَحْمت مری التجا ہے                                                                                 یاخُدا! تجھ سے میری دُعا ہے([1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                           صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

سِرَ جي نصيحت

علّامه قرطبي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  تمام وڏا عالم ٿي گذريا آهن انهن هڪ سبق آموز ۽ انتهائي عبرتناڪ واقعو لکيو آهي، جيڪو اکيون کولڻ وارو آهي پاڻ لکن ٿا :


 

 



[1]...وسائل بخشش، صفحہ:136 ملتقطًا۔