Kar Saman Chalne Ka

Book Name:Kar Saman Chalne Ka

قبر ۾ ڪم اچن وارو ٻيو نيڪ عمل: صدقو

      اي عاشقانِ رسول! قبر جي اونداهي کي روشني ۾ ۽ قبر جي وَحشت کي امن ۽ سڪون ۾ بدلائڻ وارو ٻيو عمل آهي: صدقو ۽ خيرات۔ الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو مبارڪ فرمان آهي: اِنَّ الصَّدَقَةَ لَتُطْفِئُ عَلٰي اَهْلِها حَرَّ الْقُبُوْرِ بيشڪ صدقو قبر جي گرمي کي ٿڌو ڪندو آهي. ([1])

   اي عاشقانِ رسول! قبر جي گرمي ۽ قبر جي وحشت کان بچڻ لاءِ صدقي ۽ خيرات جي عادت اختيار ڪيو! بيشڪ صدقو (يعني راھِ خُدا ۾ ڪجھ ڏيڻ) وڏي فضيلت وارو ڪم آهي * صدقو برائين جا دروازا بند ڪندو آهي * صدقو قبر جي گرمي کان بچائيندو آهي* صدقو گُنَاهن کي ايئن مٽائيندو آهي جيئن پاڻي باھ کي وسائيندو آهي * صدقو بلائن کي ٽاريندو آهي * صدقو عمر ۾ برڪت جو سبب آهي * صدقو بُري موت کان بچائيندو آهي * صدقو الله پاڪ جي غضب کي ٿڌو ڪندو آهي * صدقو ڪرڻ سان رزق ۾ برڪت ٿيندي آهي * صدقو ۽ خيرات ڪرڻ سان غربت ختم ٿيندي آهي * صدقو رحمتِ اِلٰهي ماڻڻ جو ذريعو آهي۔ تنهنڪري اڄوڪي بابرڪت رات ۾ صدقو ۽ خيرات ڪرڻ جي سٺي نيت به ڪري وٺو! زڪوات فرض ٿيندي هجي ته پُوري زڪوات ادا ڪرڻ جي نيت ڪيو، صدقهء فطر (يعني فطرو) ڏيڻ جي نيت ڪيو، ان کان علاوه نفلي صدقا به ڪرڻ گھرجن، جيڪي ويچارا غريب آهن، آمدني گھٽ آهي، انهن کي به گھرجي ته ڪجھ نه ڪجھ صدقو ضرور ڪن، چاهي هڪ روپيو ئي ڪن، بهرحال صدقو ڪرڻ ئي گھرجي.

عطيات جي ترغيب

      پيارا اسلامي ڀائرو! توهان جي پنهنجي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي، هن وقت 80 کان وڌيڪ شعبن ۾ دين جي خدمت ڪرڻ ۾ مشغول آهي. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ!  * ڪنزالمدارس بورڊ جي نالي سان دعوتِ اسلامي جو پنهنجو تعليمي بورڊ آهي.


 

 



[1]... شُعَبُ الايمان، باب الزکاة،جلد:3،صفحہ:212،حديث:3347۔