Book Name:Kar Saman Chalne Ka
لاءِ هي رسالو ٻين تائين شيئر ڪيو. * شعبان شريف، الله پاڪ جي پياري حبيب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو مهينو آهي. هن مهيني جي فضيلت، برڪات ۽ عبادتن جي باري ۾ معلومات لاءِ امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه ہڪ رسالو "آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو مهينو" ۽ قبرستان وڃڻ جي آداب تي مشتمل رسالو "قبر وارن جون 25 حڪايتون" تحرير فرمايو آهي. توهان اهي رسالا ترتيبوار 26 ۽ 17 روپين ۾ حاصل ڪري سگهو ٿا، پاڻ به پڙهو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏيو.
امير اهلسنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه هر سال شعبان شريف ۾ "فيضان رمضان" مڪمل پڙهڻ جي ترغيب ارشاد فرمائي آهي. سڀئي اسلامي ڀائر هن ڪتاب کي پڙهڻ جي نيت ڪري وٺن، مڪتبة المدينه جي ڪنهن به شاخ تان 660 روپين ۾ حاصل ڪري سگهو ٿا يا دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان ڊائون لوڊ ڪري سگهو ٿا، ٻين کي به ان جي ترغيب ڏيو.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! شَبِ بَرَاءَت جي رات قبرستان جي حاضري مسلمانن جو معمول آهي، تنهن ڪري بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي، قبرستان وڃڻ جا آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو. اچو! پهريان فرمانِ مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌون ٿا: ابنِ ماجَه جي حديثِ شريف آهي: الله پاڪ جي پياري ۽ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: کنْتُ نَهَيْتُكُمْ عَنْ زِيَارَةِ الْقُبُورِ، فَزُورُوهَا فَإِنَّهَا تُزَهِّدُ فِي الدُّنْيَا، وَتُذَكِّرُ الآخِرَةَ يعني مون اوهان کي قبرن جي زيارت کان روڪيو هو، هاڻي قبرن جي زيارت ڪندا ڪريو، ڇو ته بيشڪ قبرون ڏسڻ دنيا کان بي رغبتي پيدا ڪري ٿو ۽ آخرت جي ياد ڏياري ٿو. ([1])
اي عاشقانِ رسول! مسلمان جي قبر تي وڃڻ سنتِ مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي ۽ اولياءَ ڪرام ۽ شهداءِ عظام رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه م جي مزارن تي حاضري ڏيڻ