Kar Saman Chalne Ka

Book Name:Kar Saman Chalne Ka

مُردَن کي زندهه ڪندو، پوءِ هر هڪ کي پنهنجن عملن جو حساب ڏيڻو پوندو.    الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

قَدْ عَلِمْنَا مَا تَنْقُصُ الْاَرْضُ مِنْهُمْۚ- (پارہ:26، سورۂ ق:4)

ترجمو ڪنزالعرفان: اسان ڄاڻون ٿا جيڪو ڪجهه زمين انهن مان گھَٽائيندي آهي.

يعني مُردَن جي جسم جا  جيڪي حصا جهڙوڪ گوشت، رت ۽ هڏا وغيرهه جيڪي زمين کائي ويندي آهي، انهن مان ڪا به شيءِ الله پاڪ کان ڳُجهي ناهي. الله پاڪ انهن جي بدن جي هڪ هڪ حصي بابت ڄاڻي ٿو، انهن جي جسم جو ڪهڙو حصو وِکرجي ڪيڏانهن هليو ويو، ڪهڙي شيءِ ۾ ملي ويو، الله پاڪ کي ان جو علم آهي، قيامت جي ڏينهن اُنَ وکريل مٽي کي ٻيهر گڏ ڪري جسم بڻايو ويندو ۽ روح وجهي زندهه ڪيو ويندو. ([1])

هڪ هڏي باقي رهندي آهي

حديثِ پاڪ ۾ آهي: انسان جي هر شيءِ ڳَري ويندي، ڪرنگهي جي هڏي مان هڪ حصو (جيڪو  خوردبين(يعني مائيڪرواسڪوپ) سان به نظر ناهي ايندو،  جنهن کي عَجَبُ الذَّنْب چيو ويندو آهي) نه ڳَرندو، انهيءَ مان قيامت جي ڏينهن مخلوق کي ٻيهر زندهه ڪيو ويندو. ([2]) 

پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ قدرتن وارو آهي، هي زمين، آسمان، چنڊ، سج، تارا، وڻ، پٿر وغيره سڀ ڪجهه ان ئي پيدا ڪيا  آهن، هو انهن کي ٻيهر بنائڻ تي به قادر آهي. اسان  پهريان نه هئاسين، هُن اسان کي پيدا فرمايو، وَري اسان فنا ٿي وينداسين، فنا به اهو ئي ڪندو آهي، اهو قدرتن وارو ربِّ ڪريم ٻيهر زندهه ڪرڻ جي به قدرت رکي ٿو. 

انبياءِ ڪرام عَلَیْهِمُ السَّلَام  زندهه آهن

پيارا اسلامي ڀائرو! هتي هيءَ ڳالهه ذهن ۾ ويهاري ڇڏيو! انبياءِ ڪرام   عَلَیْهِمُ السَّلَام  اُهي بلند مرتبي واريون هستيون آهن جو انهن جي پاڪ جسمن کي


 

 



[1]...صراط الجنان، پارہ:26، سورۂ ق، زیرِ آیت:4، جلد:9، صفحہ:456۔

[2]...بخاری، کتاب التفسیر،  باب يَوْمَ يُنْفَخُ فِي الصُّورِ فَتَأْتُوْنَ أَفْوَاجًا ، صفحہ:1271، حدیث:4935۔