Book Name:Kar Saman Chalne Ka
سبب آهي۔ بيشڪ ٻانهو ڪوڙ ڳالهيندو رهندو آهي، ايستائين جو الله پاڪ جي نزديڪ ڪذاب (سڀ کان وڏو ڪوڙو) لکيو ويندو آهي۔([1])
ڪوڙ جي تعريف، ان جي مثالن ۽ عذابن متعلق معلومات ڄاڻڻ جي لاءِ شيخِ طريقت اميراهلسنت جو رسالو نالي ڪوڙو چور جو مطالعو ڪيو.
قبر ۾ سلامتي جي لاءِ خيانت کان بچو!
قبر ۾ نقصان ڏيڻ وارو ٻيو بُرو عَمَل آهي: خيانت. يعني ڪنهن جي رکيل امانت ۾ ناجائِز (طريقي سان) خُرد بُرد ڪرڻ يا امانت واپس نه ڪرڻ. حضرت مجاهد رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کان روايت آهي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ڌوڪو ۽ خيانت باھ ۾ آهي، ڌوڪو ڏيڻ ۽ خيانت ڪرڻ مومن جا اَخلاق نه آهن. ([2])
جو دُکانیں خِیانت سے چمکائیں گے! کیااُنہیں زَر کے اَنبار کام آئیں گے؟
قہرِ قَهّار سے کیا بچا پائیں گے؟ جی نہیں، نارِدوزخ میں لے جائیں گے
مالِ دنیا ہے دونوں جہاں میں وبال آئیگا قَبر میں ساتھ ہر گز نہ مال ([3])
صَلُّوا عَلَی الْحَبِیب صَلَّی اللهُ علٰی مُحَمَّد
قبر ۾ سلامتي جي لاءِ چغلي کان بچو!
قبر جي عذاب جو سبب بڻجڻ وارو ٽيون گُنَاھ چغلي آهي. فساد ڪرائڻ جي لاءِ هڪ شخص جي ڳالھ ٻئي تائين پهچائڻ کي چغلي چئبو آهي. ([4]) الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: چغل خوري ڪرڻ وارن کي الله پاڪ (قيامت جي ڏينهن) ڪتّن جي شڪل ۾ اُٿاريندو. ([5])
مجھے غیبت و چغلی و بدگمانی کی آفات سے تُو بچا یااِلٰہی!