Book Name:Kar Saman Chalne Ka
عمر اک دن یہ گزرنی ہے ضرور قبر میں میت اترنی ہے ضرور
ایک دن مرنا ہے ،آخر موت ہے
کر لے جو کرنا ہے ،آخر موت ہے
عالَمِ برزخ دنياوي زندگي جو نتيجو آهي
اي عاشقانِ رسول! عالمِ برزخ ۾ اسان کي قيامت تائين رهڻو آهي، اتي هر هڪ جو ٺڪاڻو ان جي دنيا ۾ ڪيل عملن جي مطابق هوندو، جيڪو هن دنيا ۾ نيڪ آهي، ان کي برزخ جي زندگي ۾ * عزت * عظمت * ۽ سڪون ۽ راحت سان نوازيو ويندو ۽ جيڪو هن دنيا ۾* گنھگار آهي * نمازون قضا ڪرڻ وارو آهي * رمضانُ المبارڪ جا روزا ڇڏڻ وارو آهي * ماءُ پيءُ کي ستائڻ وارو آهي * مسلمانن کي تڪليف ڏيڻ وارو آهي * ڏاڙهي ڪوڙائڻ يا هڪ مُٺِ کان گهٽائڻ وارو آهي * وياج جي ڏيتي ليتي يا ڌنڌي روزگار ۾ دوکو ڪرڻ وارو آهي، برزخ جي زندگي ۾ ان جو حال نهايت بُرو ٿيندو. افسوس! جيڪڏهن الله پاڪ جي رحمت کان محروم رهجي وياسين ته قبر ۾ باھ به ڀڙڪي سگهي ٿي، نانگ وڇون به اچي سگهن ٿا، اسان جو هي خوبصورت جسم ڪيڙن ماڪوڙن جي خوراڪ به بڻجي سگهي ٿو. الله پاڪ قرآنِ پاڪ ۾ فرمائي ٿو:
وَ مَنْ اَعْرَضَ عَنْ ذِکْرِیْ فَاِنَّ لَہٗ مَعِیْشَۃً ضَنْکًا (پارہ:16،سورۂ طٰہٰ:124)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ جنهن منهنجي ياد کان منهن ڦيريو پوءِ بيشڪ ان جي لاءِ تنگ زندگي آهي
صحابيءِ رسول حضرت عبدُ الله بن مسعود رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: هن آيتِ ڪريمه ۾ تنگ زندگي مان مُراد قبر جو عذاب آهي. ([1]) يعني * جيڪو هن دنيا ۾ گنھگار آهي * جيڪو الله پاڪ جي ذڪر کان * قرآن ۽ سنّت کان * نيڪ ڪمن کان * نماز روزي کان منهن موڙي ٿو ان جي لاءِ قبر ۾ تنگ زندگي هوندي.