Book Name:Kar Saman Chalne Ka
قبر ۾ ڪم اچڻ وارو چوٿون نيڪ عمل: الله جو ذڪر ڪرڻ
پيارا اسلامي ڀائرو! فقيه ابو الليث سمر قندي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه قبر ۾ ڪم ايندڙ جيڪي 4 عمل ٻڌايا آهن، انهن مان چوٿون عمل آهي: ذِڪرُ الله جي ڪثرت ڪرڻ۔ هي به تمام پيارو، وڏي فضيلت وارو نيڪ عَمَل آهي۔ اسان جي آقا و موليٰ، مُحَمَّد مُصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جڏهن به ماڻهو ذِڪرُ الله جي لاءِ گڏ ٿيندا آهن ته ملائڪ انهن کي گھيري وٺندا آهن. الله پاڪ جي رحمت انهن کي پنهنجي ڀاڪر ۾ وڪوڙي ڇڏيندي آهي ۽ انهن تي سڪينه نازِل ٿيندو آهي. ([1])
ذِڪرُ الله جي ڪثرت ڪرڻ جا گھڻا فائدا آهن * ذِڪر جي ڪثرت سان دِل ۾ نُور پيدا ٿيندو آهي * ڪثرتِ ذِڪر سان خُدا جو قرب ملندو آهي * ڪثرتِ ذِڪر سان گُنَاھ مٽجندا آهن * ڪثرتِ ذِڪر انبياءِ ڪرام عَلَیْهِمُ السَّلَام جي سُنّت آهي * ڪثرتِ ذِڪر سان دِلين جو زنگ صاف ٿيندو آهي * ڪثرتِ ذِڪر سان دُنيا ۾ امن ملندو آهي * ۽ ڪثرتِ ذِڪر سان قبر روشن ٿيندي آهي.
کاش لب پر مرے رہے جاری ذکر آٹھوں پہر ترا یاربّ!
پيارا اسلامي ڀائرو! هي 4 نيڪ عمل(نماز، صدقو، تلاوت ۽ ذِڪرُ الله جي ڪثرت، هي اهي عمل آهن جيڪي) قبر ۾ ڪم ايندا آهن، قبر روشن ڪندا آهن ۽ قبر جي عذاب کان بچائيندا آهن. فقيه ابو الليث سمر قندي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي بيان مطابق 4 بُرا عمل اهي آهن جيڪي قبر جي عذاب جو سبب آهن، جيڪو قبر ۾ سلامتي جو خواهش مند آهي، ان تي لازِم آهي ته هر گناهه کان ۽ بالخصوص هنن 4 گُنَاهن کان لازمي بچندو رهي.
قبر ۾ سلامتي جي لاءِ ڪُوڙَ کان بچو!
انهن مان پهريون برو عَمَل آهي: ڪوڙ۔ صادِق و امين نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ڪوڙ گُنَاھ ڏانهن وٺي ويندو آهي ۽ گُنَاھ جهنّم ۾ وڃڻ جو