Kar Saman Chalne Ka

Book Name:Kar Saman Chalne Ka

قبر ۾ ڪم ايندڙ پهريون نيڪ عمل: نماز

اهي عمل جيڪي قبر ۾ ڪم ايندا، انهن مان پهريون عمل آهي: نماز، الله جي پياري رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: جيڪو نماز جي لاءِ بهتر طريقي سان وضو ڪري، وقت تي نماز ادا ڪري، رڪوع ۽ سجدا خشوع ۽ خضوع سان ادا ڪري، الله پاڪ جي ڪرم جي ذمي آهي ته الله پاڪ ان جي مغفرت فرمائي .([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! نماز تمام اعليٰ عبادت آهي * نماز دين جو ٿنڀ آهي * نماز پياري آقا، مڪي مدني مُصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اکين جو ٺارُ آهي * نماز بارگاھ اِلٰهي ۾ حاضري جو ذريعو آهي * نماز مومن جو معراج آهي * نماز قربِ اِلٰهي جو وسيلو آهي * نمازي کي الله پاڪ جي مدد ۽ نُصْرت ملندي آهي * نماز گُنَاھ مٽائي ٿي * نماز رُوح کي قرار ڏيندي آهي * نماز ظاهر ۽ باطن کي  سنواريندي آهي * نماز رزق ۾ برڪتون آڻيندي آهي * نماز قبر ۾ ڪم ايندي * نماز قبر جي گھٻراهٽ ۽ عذابِ قبر کان بچائيندي. 

ہر عبادت سے بَرتَر عبادت نَماز                                                                            ساری دولت سے بڑھ کر ہے دولت نَماز

قلبِ غمگیں کا سامانِ فَرحت نَماز                                                                            ہے مریضوں کو پیغامِ صِحَّت نَماز

نارِ دوزخ سے بے شک بچائے گی یہ                                                       رب سے دلوائے گی تم کو جنَّت نَماز

پیارے آقا کی آنکھوں کی ٹھنڈک ہے یہ                                        قلبِ شاہِ مدینہ کی راحت نَماز

بھائیو! گر خُدا کی رِضا چاہئے                                                                                                      آپ پڑھتے رہیں باجماعت نَماز

اچو! نيت ڪيون ته اڄ کان پوءِ اسان جي ڪا به نماز قضا نه ٿيندي، اسان پنج ئي نمازون مسجد ۾ باجماعت ادا ڪنداسين، خُدانخواسته پهريان جيڪڏهن ڪا نماز قضا ٿي آهي ته اها به جلد کان جلد ادا ڪنداسين۔ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم


 

 



[1]...ابوداؤد ، کتا ب الصلاۃ ، با ب المحا فظۃ علی وقت الصلوات،صفحہ:82،حدیث:425۔