Book Name:Kar Saman Chalne Ka
آهي اهو نه تنهنجو آهي نه منهنجو آهي. هي دنيا چئن ڏينهن جي آهي، آخرڪار مٽي جي ڍيري يعني قبر بڻجندي ۽ سڀ ڪجهه ختم ٿي ويندو.
الله پاڪ اسان جي مٽي کي محفوظ فرمائي ! اچو ته گڏجي دعا ڪريون
مٹی نہ ہو برباد پسِ مرگ اِلٰہی جب خاک اُڑے میری مدینے کی ہوا ہو
ڪاش! اها سعادت نصيب ٿي وڃي جو مرڻ کان بعد جڏهن قبر ۾ لاٿو وڃي ته اسان جي مٽي برباد نه ٿئي، ڪاش! مديني جي هوا اسان جي مٽي کي اُڏائي حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي قدمن ۾ آڻي ڦٽو ڪري.
پيارا اسلامي ڀائرو! هي دنيا اڄ جيئن اسان کي نظر اچي رهي آهي، خشڪي هِن هنڌ کان هُن هنڌ تائين آهي، فلاڻي جڳهه تي درياهه آهي، فلاڻي جاءِ تي سمنڊ آهي * شايد اڄ کان هزارين سال پهريان اها ايئن نه هئي * هتي نه ڄاڻ ڪير ڪير دفن آهي * ڪيترائي اهڙا آهن جن جو نالو نشان به باقي نه رهيو آهي، افسوس! عنقريب اسان کي به هن دنيا مان وڃڻو آهي* اڄ کان شايد هڪ ٻه صديون بعد اسان جو به ڪو نالو نشان موجود نه هوندو * ممڪن آهي اسان جي قبرن جا نشان به مٽجي چڪا هجن * شايد هڪ سئو سالن کان بعد اسان جي گهرن ۾ اسان جي جاءِ تي ڪو ٻيو آباد هوندو * اسان جي ملڪيت ڪنهن ٻئي جي نالي تي هوندي، جيئن اڄ مثال طور * اسان جا اَبا ڏاڏا، پَڙَ ڏاڏا وغيرهه دنيا ۾ واپس اچي وڃن ته اسان انهن کي سڃاڻي به نه سگهنداسين * ايئن ئي اسان جا پُٽَ پوٽا، پَڙَپوٽا وغيره اسان کي نه سڃاڻندا * جئين اڄ اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کي وساري چڪا آهيون، اسان جي ڏاڏن، پَڙَ ڏاڏن وغيرهه جون شڪليون به اسان جي وهم و گمان ۾ نه آهن * بلڪل اهڙي طرح اسان جون شڪليون به اسان جي ايندڙ نسلن جي گمان ۾ نه هونديون. افسوس ! موت اچي ويندو، قبر جي ڍيري بڻجي ويندي * پوءِ آهستي آهستي هوائون انهن قبرن جا نشان به مٽائي ڇڏينديون. ان کان به وڌيڪ عبرت جي ڳالهه هيءَ آهي ته قصو اِتي ئي تمام نه ٿو ٿئي بلڪه قيامت جي ڏينهن الله پاڪ هن وِکريل خاڪ کي گڏ ڪري ٻيهر