Book Name:Kar Saman Chalne Ka
* روزيدار جو سمهڻ عبادت آهي. * روزيدار جي دعا ۽ عمل مقبول آهي. * روزيدار جي لاءِ ملائڪ سج لهڻ تائين مغفرت جي دعا ڪندا رهندا آهن* روزيدار جي لاءِ آسمان جا دروازا کوليا ويندا آهن. * روزيدار کي الله پاڪ جنتي ميوا کارائيندو * روزيدار کي الله پاڪ جنتي شراب سان سيراب ڪندو * روزيدار جي لاءِ قيامت جي ڏينهن سون جو دسترخوان لڳايو ويندو * روزيدار جو روزو ان جي گذريل گناهن جو ڪفارو بڻجي ويندو * روزيدار جي چهري کي الله پاڪ جهنم کان 70 سال جي مسافت جيترو پري ڪري ڇڏيندو.([1])
جيڪو نادان ڪنهن شرعي مجبوري جي بغير رمضان جو روزو ڇڏي ٿو اهو سخت گنهگار ۽ عذابِ نار جو حقدار آهي، روايتن جي مطابق جيڪو بغير شرعي عذر جي رمضان شريف جو هڪ روزو ڇڏي ڏي ته هاڻي جيڪڏهن سڄي عمر به روزا رکندو رهي تڏهن به اُن ڇڏيل هڪ روزي جي فضيلت نٿو ماڻي سگهي. ([2])
الله پاڪ پنهنجي پياري حبيب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي صدقي اسان کي پنهنجي قهر ۽ غضب کان بچائي. رمضان المبارڪ جا سڀئي روزا خوش دلي سان، ذوق ۽ شوق سان رکڻ جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ سموري دنيا ۾ هزارين جاين تي اجتماعي اعتڪاف ڪرايو ويندو آهي، اعتڪاف گناهن کان بچڻ ۽ ماههِ رمضان نيڪين ۾ گذارڻ جو بهترين ذريعو آهي، هاڻي کان ئي سڄو مهينو يا گھٽ ۾ گھٽ آخري ڏهه ڏينهن جي اجتماعي اعتڪاف ۾ شرڪت ڪرڻ جي نيت ڪري ڇڏيو * مسلمانن جي امي جان ام المؤمنين حضرت عائشہ صديقه، طيبه، طاهره رَضِیَ اللهُ عَنْہا کان روايت آهي: مَنْ اِعْتَکَفَ اِیْمَاناً وَ اِحْتِسَابًا غُفِرَ لَهٗ مَا تَقَدَّمَ مِنْ ذَنْبِهٖ يعني جنهن ايمان سان ۽ ثواب حاصل ڪرڻ جي نيت سان اعتڪاف ڪيو ان جا پويان