Book Name:Kar Saman Chalne Ka
حضرت عُمَر بن عبد العزيز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هڪ جنازي سان گڏ تشريف وٺي ويا، ته ماڻهو اڳتي وڌي ويا ۽ پاڻ پوئتي رهجي ويا، ماڻهو جنازو رکي سندن انتظار ڪرڻ لڳا جڏهن پاڻ پهتا ته ڪنهن چيو: اي امير المؤمنين! اوهان ڪٿي رهجي ويا هئا ؟ فرمايائون: هاڻي هاڻي هڪ قبر مون کي سڏي چوڻ لڳي: اي عمر بن عبدالعزيز مون کان ڇو نه ٿو پڇين ته مان پنهنجي اندر اچڻ وارن سان ڪهڙو سلوڪ ڪندي آهيان؟ مون ان قبر کي چيو: مون کي ضرور ٻڌاءِ. اها چوڻ لڳي: جڏهن ڪو منهنجي اندر ايندو آهي ته مان ان جو ڪفن ڦاڙي ان جي جسم جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندي آهيان * ان جو رت چوسي ان جو گوشت کائي ڇڏيندي آهيان * ڇا توهان مون کان اهو نه پڇندؤ ته مان ان جي سَنڌن سان ڇا ڪندي آهيان؟ مون چيو، ضرور ٻڌاءِ ته چوڻ لڳي: مان هٿن کي ڪَارايُن کان، ڪارايُن کي ٻانهن جي جوڙ کان، ٻانهن جي جوڙ کي ڪُلهن کان، رانُن کي ڄَنگهُن کان، ڄنگهن کي گوڏن کان، گوڏن کي پنين کان ۽ پنين کي پيرن کان جدا ڪري ڇڏيندي آهيان. ايترو چوڻ کان بعد حضرت عمر بن عبد العزيز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه روئڻ لڳا پوءِ فرمايائون: ٻڌو! هن دنيا جي عُمر تمام ٿوري آهي جيڪو گنهگار هن دنيا ۾ عزت وارو آهي آخرت ۾ ذليل ۽ خُوار هوندو، جيڪو مالدار آهي آخرت ۾ فقير هوندو، هِن جو جوان پوڙهو ٿي ويندو ۽ زندھ مري ويندو، تنهنڪري دنيا جو توهان ڏانهن اچڻ توهان کي ڌوڪي ۾ نه وجهي ڇو ته توهان ڄاڻو ٿا ته اِها تمام جلد رُخصت ٿيڻ واري آهي. دوکي ۾ پوڻ وارو اهو ئي آهي جيڪو ان کان دوکو کائي. ڪاڏي ويا هن ۾ رهڻ وارا ؟ جن شهر آباد ڪيا، نهرون (شاخون) کوٽايون ۽ وڻ لڳرايا، پر ان ۾ تمام ٿورو وقت گذاري سگهيا. انهن کي صحت ۽ تندرستي دوکي ۾ وڌو ۽ چُستي مغرور بڻايو جنهن سبب اُهي گناهن ۾ مبتلا ٿي ويا. خدا جو قسم! اُن مال جي ڪري انهن تي حسرت ڪئي ويندي جيڪو انهن نهايت ڪنجوسي کان بعد حاصل ڪيو ۽ جنهن جي جمع ڪرڻ جي سبب انهن سان حسد ڪيو ويو. سوچيو! مٽيءَ سندن جسمن جو ڇا حال ڪيو؟ قبر جي ڪيڙن انهن جي هڏن ۽ جوڙن سان ڪهڙو حشر ڪيو؟ اُهي دنيا ۾ خوشحالي ۽ سڪون سان