Book Name:Kar Saman Chalne Ka
اهڙيءَ طرح حديثِ پاڪ ۾ آهي: * ثواب خاطر آذان ڏيڻ وارو رت ۾ تڙپندڙ شهيد وانگر آهي، ان جي قبر ۾ ڪِيڙا نه ايندا * رسولِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جڏهن حافظِ قرآن وفات ڪري ويندو آهي ته الله پاڪ زمين کي حڪم ڏيندو آهي ته سندس گوشت نه کائجان، زمين عرض ڪندي آهي: اي منهنجا ربّ! مان ان جو گوشت ڪيئن ٿي کائي سگهان، جڏهن ته تنهنجو ڪلام سندس سيني ۾ موجود آهي. ([1])
ڪاش! اسان کي به اها سعادت نصيب ٿي وڃي. ڪاش! اسان جو جسم به قبر ۾ محفوظ رهي. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان دنيا ۾ آيا آهيون، هتان وڃڻو به لازمي آهي، اسانجو مٽيءَ جو جسم هڪ ڏينهن ٻيهر مٽيءَ ۾ ملي ويندو، توڙي جو جسم ڳري سڙي مٽيءَ ۾ ملي وڃن، هوائون خاڪ اڏائي هيڏي هوڏي وِکيري ڇڏين، ان جو اهو مطلب هرگز ناهي ته اسان بلڪل وساري ڇڏيا وينداسين، ايئن ٿيندو جو ڄڻ ته اسان دنيا ۾ آيا ئي نه هئاسين، ائين ناهي، اسان اڄ جيڪي هتي ساههَ کڻي رهيا آهيون، جيڪي عمل اسان ڪري رهيا آهيون، اسانجو جسم چاھي قبر جي اندر هجي يا هوائون خاڪ اڏائي وکيري ڇڏين، جتي هونداسين، برزخ جو معاملو، اتي، انهيءَ ئي حالت ۾ جاري رهندو. الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
وَ مِنْ وَّرَآىٕهِمْ بَرْزَخٌ اِلٰى یَوْمِ یُبْعَثُوْنَ(۱۰۰) (پارہ:18، سورۂ مؤمنون:100)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ انهن جي آڏو هڪ رُڪاوٽ آهي ان ڏينهن تائين، جنهن ڏينهن انهن کي اٿاريو ويندو.
يعني موت کان وٺي قيامت جي ڏينهن اٿڻ تائين جو عرصو برزخ آهي. ([2]) * اهو وقت مٽي جي اندر گذريو ته اها قبر آهي * ڪنهن کي شينهن (Lion) وغيرهه چيري ڦاڙي کائي ڇڏيو ته اها ان جي قبر آهي * ڪو سمنڊ ۾ ٻڏي مري