Book Name:Kar Saman Chalne Ka
ڪيو: يا رسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اسان جو ڪچو گهر ڪجهه ڪمزور ٿي ويو هو، ان جي مرمت ڪري رهيا آهيون. پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: الْأَمْرُ أَسْرَعُ مِمَّا تَرَوْنَ يعني اي عبد الله! معاملو ته انهيءَ کان به وڌيڪ جلديءَ وارو آهي. ([1])
هي تعليمِ مصطفىٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي، اسان گهرن جي مرمت ۽ تعمير وغيره ڪندا ئي رهندا آهيون، اهو جائز به آهي، پر پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم توجهه ڏياري ته اي عبد الله! هن مٽيءَ جي گهر جو فڪر اٿئي، ان جي مرمت ڪري رهيو آهين، ٿي سگهي ٿو ته ان جي ڪمزور ٿي ڪِري پوڻ کان پهريان ئي توکي موت اچي وڃي، هي گهر هتي ئي رهجي وڃي ۽ تون قبر ۾ پهچي وڃين ...! تنهنڪري گهر جي مرمت پنهنجي جاءِ تي، پر ان کان وڌيڪ ضروري آخرت جي تياري آهي.
آگاہ اپنی موت سے کوئی بشر نہیں سامان سو برس کا ہے، پَل کی خبر نہیں
کُوچ ہاں! اے بےخبر ہونے کو ہے کب تلک غفلت..! سحر ہونے کو ہے
قبر جي وحشت کان بچائڻ وارا 8 ڪم
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي عالمِ برزخ ۾ راحت ۽ آرام نصيب ٿئي، قبر ۾ اسان جو جسم ڳَرڻ ۽ سڙڻ کان محفوظ رهي، قبر روشن هجي، اتي جي اڪيلائي ۽ گھٻراھٽ کان حفاظت ملي، ان جي لاءِ فَقِيه ابوالليث سمرقندي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: ٻانهي کي گهرجي ته 4 ڪم اختيار ڪري ۽ 4 ڪمن کان پاسو ڪري. جيڪو ايئن ڪندو، اهو (الله پاڪ جي فضل ۽ ڪرم سان) قبر جي اڪيلائي ۽ گھٻراھٽ کان بچي ويندو.
4 ڪم جيڪي اختيار ڪرڻا آهن: (1): نماز (2): صدقو (3): قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرڻ (4): ذڪرالله جي ڪثرت
4 ڪم جن کان بچڻو آهي: (1): ڪوڙ (2): خيانت (3): چغلي (4): پيشاب جا ڇنڊا. ([2])