Book Name:Kar Saman Chalne Ka
قبر ۾ سلامتي جي لاءِ پاڪيزهه رهو!
قبر ۾ نقصان پهچائڻ وارو چوٿون بُرو عَمَل آهي: پيشاب جي ڇنڊن کان نه بچڻ۔ الله پاڪ جي رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عبرت نشان آهي: اڪثر ڪري قبر جو عذاب پيشاب (جي ڇنڊن کان نه بچڻ) جي ڪري ٿيندو آهي۔ ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ اسان کي قبر جي عذاب کان محفوظ فرمائي۔ عالَمِ برزخ ۾ راحت ۽ آرام حاصل ڪرڻ لاءِ، قبر جي تنگي ۽ وَحشت کان بچڻ جي لاءِ اسان ڪُل 8 ڪم ٻُڌا. انهن مان 4 ڪم اختيار ڪرڻا آهن: (1): نماز جي پابندي ڪرڻي آهي (2): صدقو ۽ خيرات ڪرڻ جي عادت بڻائڻي آهي (3): ڪثرت سان تِلاوت ڪرڻي آهي ۽ (4): ذِڪرُ الله جي ڪثرت ڪرڻي آهي. ۽ 4 ڪمن کان بچڻو آهي: (1): ڪوڙ ناهي ڳالهائڻو (2): خيانت ناهي ڪرڻي (3): چغلي خوري کان بچڻو آهي ۽ (4): پيشاب جي ڇنڊن کان بچڻو آهي. هي 8 ڪم ڪنداسين ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم الله پاڪ جي رحمت سان عذابِ قبر کان محفوظ ٿي وينداسين. الله پاڪ اسان سڀني تي رحم فرمائي! ڪاش! اڄ جي بابرڪت رات ۾ اسان سڀئي بخشش ۽ مغفرت جي خيرات ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون۔
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
خطاؤں کو میری مٹا یااِلٰہی! مجھے نیک خصلت بنا یااِلٰہی!
تجھے واسطہ سارے نبیوں کا مولیٰ مری بخش دے ہرخطا یااِلٰہی!
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! ٻيهر رمضان المبارڪ جي آمد آهي، نيڪين جي موسمِ بهار اچڻ واري آهي. اچو ته ! ترغيب جي لاءِ رمضان المبارڪ جي روزن ۽ اعتڪاف جون ڪجھ فضيلتون ٻڌي وٺون ٿا: مختلف روايتن جي مطابق.