Book Name:Kar Saman Chalne Ka
الله پاڪ اسان سڀني کي توفيق بخشي، ڪاش! قرآن ۽ تِلاوتِ قرآن سان اهڙي محبت ٿي وڃي جو سڀ فضوليات ڇڏي ڏيون ۽ اسان بس قرآن ئي جا ٿي وڃون.
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۔
یہی ہے آرزو تعلیمِ قرآں عام ہوجائے تلاوت کرنا میرا کام صبح و شام ہوجائے
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا سلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! رمضان المبارڪ جي آمد آمد آهي، روزن، سحري ۽ افطاري سان گڏوگڏ تراويحن جون به بهارون هونديون. حفاظِ ڪرام نمازِ تراويح ۾ قرآنِ ڪريم ٻڌائڻ جي سعادت حاصل ڪندا ۽ خوشنصيب عاشقانِ رسول قرآنِ ڪريم ٻڌي ثواب ڪمائيندا. الله ڪريم اسان کي خير و عافيت سان رمضان تائين پهچڻ نصيب فرمائي. اسان روزا به رکون، تلاوت به ڪيون ۽ خوب ذوق ۽ شوق سان نمازِ تراويح به ادا ڪيون. الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪو رمضان ۾ ايمان سان ۽ ثواب جي طلب جي لاءِ قيام ڪري (مثلاً تراويح پڙهي)، ان جا گذريل (صغيره) گناھ بخشيا ويندا. ([1]) هڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي: بيشڪ الله پاڪ رمضان جا روزا توهان تي فرض ڪيا ۽ مون توهان جي لاءِ رمضان جي قيام کي سنت قرار ڏنو آهي تنهنڪري جيڪو شخص رمضان ۾ روزا رکي ۽ ايمان سان ۽ حصولِ ثواب جي نيت سان قيام ڪري (يعني تراويح پڙهي) ته اهو پنهنجي گناهن کان ائين نڪري ويو جيئن ولادت جي ڏينهن ان کي ان جي ماءُ ڄڻيو هو.([2])
ياد رکو ته! تراويح مرد ۽ عورت ٻنهي لاءِ سنت مؤڪده آهي تنهنڪري ان ۾ هرگز سستي نه ڪئي وڃي. ([3])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد