Book Name:Kar Saman Chalne Ka
قبر ۾ ڪم اچڻ وارو ٽيون نيڪ عمل: قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرڻ
اي عاشقانِ رسول! قبر ۾ ڪم ايندڙ نيڪ عملن مان ٽيون نيڪ عَمَل آهي: تِلاوتِ قرآنِ ڪريم * قرآنِ ڪريم الله پاڪ جو ڪلام آهي * تِلاوتِ قرآن سان رحمت ملي ٿي * تِلاوت جي برڪت سان مصيبت ٽري وڃي ٿي * تِلاوت جي برڪت سان غم دور ٿيندا آهن * تِلاوت ڪرڻ سُنّتِ مُصطفيٰ آهي * تلاوت ڪرڻ صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہُم جو طريقو آهي * تِلاوت قيامت جي هولناڪي کان بچائي ٿي * تِلاوت جي برڪت سان قبر روشن ٿئي ٿي.
منقول آهي ته حضرتِ ثابِت بُناني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه روزانو هڪ قرآن پاڪ ختم فرمائيندا هئا. پاڻ هميشه ڏينهن جو روزو رکندا هئا ۽ سڄي رات قِيام (عبادت) ڪندا هئا، جنهن مسجد وٽان لنگهندا هئا ان ۾ ٻه رڪعتون (تَحِيَّةُ المسجِد) ضرور پڙهندا هئا. نماز ۽ تِلاوت سان کين خصوصي محبت هئي، ان جي برڪت سان مٿن اهڙو ته ڪرم ٿيو جو رشڪ اچي ٿو، منقول آهي: جڏهن به ماڻهو سندن مزارِ پُرانوار جي ڀرسان گذرندا هئا ته قبر مبارڪ مان تلاوتِ قرآن جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو. ([1])
جَبیں میلی نہیں ہوتی دَھن میلا نہیں ہوتا غلامانِ مُحَمَّد کا کفن میلا نہیں ہوتا
پيارا اسلامي ڀائرو! نيت ڪيو ته قبر جي وحشت ۽ تنهائي کان بچڻ ۽ نيڪيون ڪمائڻ جي لاءِ اسان به تِلاوتِ قرآن ڪنداسين. رمضان المبارڪ به اچڻ وارو آهي، هن ڀيري رمضان المبارڪ ۾ مڪمل قرآنِ ڪريم پڙهڻ جي نيت ڪيو! بلڪه هڪ ڇو؟ 5 قرآنِ ڪريم ختم ڪيو! امامِ اعظم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه رمضان المبارڪ ۾ 61 قرآنِ ڪريم ختم ڪندا هئا۔ جنهن کان ٿي سگھي رمضان المبارڪ ۾ وڌ کان وڌ تِلاوت ڪندو رهي. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم برڪتون ئي برڪتون ملنديون، رمضان المبارڪ اچڻ کان پهريان به تِلاوت ڪرڻي آهي، اڄ کان ئي تِلاوت شروع ڪريو.