Kar Saman Chalne Ka

Book Name:Kar Saman Chalne Ka

قبر میں تیرا کفن پھٹ جائے گا                                                                          یاد رکھ نازک بدن پھٹ جائے گا

تیرا اک اک بال تک جھڑ جائے گا                                                              خوبصورت جسم سب سڑ جائے گا ([1])

پنج ويندا آهن ، چار موٽندا آهن

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان چاهي جيڪو به ڪيون، حقيقت کي تسليم ڪيون يا ڄاڻي واڻي ان کان منهن موڙيون، بهرحال اها هڪ اڻٽر حقيقت آهي ته هڪ نه هڪ ڏينهن اسان کي هن دنيا مان وڃڻو آهي ۽ عالَمِ برزخ ۾ پنهنجن عملن سان گڏ رهڻو ئي رهڻو آهي۔ حديثِ پاڪ ۾ آهي: ميت سان گڏ ٽي شيون وينديون آهن، ٻه واپس موٽي اينديون آهن ۽ هڪ ان سان گڏ ئي رهجي ويندي آهي (1): ان جو اهل و عيال (2): ان جو مال  (3): ان جو عمل. پوءِ مال ۽ اهل و عيال ته موٽي ايندا آهن پر ان جو عمل ان سان گڏ ئي رهجي ويندو آهي.([2])

ہائے غافِل وہ کیا جگہ ہے جہاں

پانچ جاتے ہیں چار پِھرتے ہیں

وضاحت: افسوس! اي غافل...!! غور ته ڪر اها ڪيڏي نه عبرت جي جاءِ آهي، جيڏانهن 5 ويندا آهن، هڪ ميت ۽ 4 ان کي کڻڻ وارا، پر اتان موٽي صرف 4 ايندا آهن، ميت کي قبر ۾ رکيو ويندو آهي.

ماڻهو غفلت ۾ آهي

صحابيِءِ رسول حضرت جابر بن عبدالله رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کان روايت آهي، سرڪارِ مدينه، راحتِ قلب و سينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: انسان جنهن لاءِ پيدا ڪيو  ويو آهي، ان کان غفلت ۾ آهي. الله پاڪ جڏهن ڪنهن انسان جي تخليق جو ارادو فرمائيندو آهي ته فرشتي کي حڪم ڏيندو آهي: ان جو رزق لکي ڇڏ! ان جا عمل لکي ڇڏ! ان جو موت لکي ڇڏ! ۽ ان جي نيڪ بختي يا بدبختي به لکي ڇڏ! پوءِ اهو فرشتو واپس هليو ويندو آهي ۽ الله پاڪ هڪ ٻيو فرشتو موڪليندو آهي جيڪو ان لکيل کي چڱي طرح محفوظ ڪندو آهي ، پوءِ اهو فرشتو به واپس هليو ويندو آهي ۽ الله پاڪ ان ٻانهي تي ٻه فرشتا مقرر ڪندو آهي جيڪي ان


 

 



[1]...وسائلِ بخشش، صفحہ:711-712 ملتقطًا۔

[2]...بخاری، کتاب الرقاق، باب سکرات الموت، صفحہ:1599، حدیث:6514۔