Book Name:Kar Saman Chalne Ka
ويو ته اها ئي قبر سمجهي ويندي * مطلب ته مرڻ کان بعد انسان جٿي به آهي * جهڙي به حالت ۾ آهي، الله پاڪ اها قدرت رکي ٿو ته ان کي ان جي عملن جي جزا يا سزا ڏي ۽ جزا يا سزا جو اهو معاملو بلڪل حق ۽ سچ آهي. ([1])
آخرت کی فکر کرنی ہے ضرور جیسی کرنی،ویسی بھرنی ہے ضرور
عمر اک دن یہ گزرنی ہے ضرور قبر میں میت اترنی ہے ضرور
چون ٿا: هڪ بادشاھ هو، ان جو جڏهن آخري وقت آيو ته ان پنهنجن پٽن کي گهرائي هڪ عجيب وصيت ڪئي، چوڻ لڳو: جڏهن مان مري وڃان ته لوھي تابوت ٺهرائجو، پوءِ منهنجي لاش کي ان تابوت ۾ رکي ڪري هڪ لوهي صندوق ۾ وجهي ڇڏجو، پوءِ ان صندوق کي دفن نه ڪجو بلڪه هڪ ڪمري ۾ ڇت سان لٽڪائي ڇڏجو ته جيئن مان قبر جي عذاب کان محفوظ رهان (يعني ان جو مقصد هي هو ته نه مان قبر ۾ لهندُس، نه ان جي تنگي ۽ وحشت جو منهن ڏسڻو پوندو، نه ئي قبر ۾ عذاب سهڻو پوندو)
پٽن وصيت تي عمل ڪيو، جڏهن بادشاھ جو انتقال ٿي ويو ته لوهي تابوت ٺهرايو ويو، ان جي اندر بادشاھ جو لاش رکي، ان تابوت کي لوھ جي هڪ وڏي صندوق ۾ رکيو ويو، پوءِ ان صندوق کي زنجير وغيره جي ذريعي ڪمري ۾ لٽڪائي ڪمرو بند ڪيو ويو. هاڻي جڏهن رات ٿي ته اوچتو ڪمري مان ڪجھ آوازَ اچڻ لڳا، پٽَ ڪمري ڏانهن ڊوڙيا، دروازو کولي ڏٺائون ته صندوق لُڏي رهي هُئي، انهن صندوق کي هيٺ لاٿو، کوليائون ته هي ڏسي حيران ٿي ويا ته صندوق جي اندر تابوت آهي، ان تابوت جي اندر بادشاھ جي لاش مٿان هڪ خوفناڪ نانگ ويٺو آهي ۽ ان جي چهري کي ڏنگي رهيو آهي، (ظاهري طور حيران ٿيڻ جي ڳالھ هئي جو صندوق جي اندر وڃڻ جو ڪو رستو ڪو سوراخ نه هو، پوءِ به اهو نانگ اندر ڪيئن هليو ويو....!! بهرحال!) بادشاھ جي پٽن ان نانگ کي ٻاهر ڪڍي ماري ڇڏيو، صندوق کي ٻيهر بند ڪيو ۽ پهريان وانگر ڪمري ۾ لٽڪائي ڇڏيو.