Book Name:Kar Saman Chalne Ka
پيارا اسلامي ڀائرو! ڪيڏي نه عبرت جي ڳالهه آهي !* اڄ اسان ڏاڍائي ڏيکاريندا آهيون * هٿن ۾ طاقت آهي * کوپڙي ۾ دماغ آهي * رڳن ۾ رت جاري آهي * ماڻهو انهن شين تي فخر ڪندا آهن * وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪندا آهن * ڪاوڙ جو اظهار ڪندا آهن * غرور، تڪبر، خودپسندي ۽ اهڙين ڪيترين ئي آفتن ۾ مبتلا رهندا آهن * آئيني جي سامهون اچن ته هٽڻ تي دل ئي نه ڪندي آهي * پنهنجي ئي سيلفي ٺاهي بار بار ڏسي دل خوش ڪندا رهندا آهن. افسوس ! جلد ...!! تمام جلد، ملڪُ الموت عَلَیْهِ السَّلَام تشريف وٺي ايندو * ساهه اٽڪي پوندو، روح هڪ جھٽڪي سان نڪرندو، آخري هڏڪي ايندي، اکيون ڇت سان لڳي وينديون ۽ اسان فنا ٿي وينداسين. افسوس ! اسان نه ٿا ڄاڻون ته اسان جي مٽي ڪاڏي ويندي؟ ڪهڙي هوا اسان جي مِٽي کي اُڏائي ڪيڏانهن کڻي ويندي...؟ حضرت بابا فريد گنج شڪر رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه وڏا وليُ الله ٿي گذريا آهن، پاڻ پنجابي زبان ۾ نصيحت آموز شعر به لکندا هئا، پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه اسان کي سمجهائيندي فرمائن ٿا :
ویکھ فریدا...!! مِٹِّی کُھلّی مِٹِّی اُتَّے مِٹِّی ڈُلِّی
مِٹِّی ہَسَّے، مِٹِّی رَوْوَے اَنْتْ مِٹِّی دَا مِٹِّی ہَوْوَے
نَہ کَر بَنْدِیا مَیْرِی مَیْرِی نَہ تَیْرِی نَہ مَیْرِی
چار دِنَاں دَا مَیْلَہ دُنیا فَیْر مِٹِّی دِی ڈَھیْرِی
وضاحت: يعني اي فريد ....!! ڏس! مٽي جي قبر کُلي، مٽي جو ٺهيل ٻانهو ان ۾ لَٿو، مٽي جي لاش مٿان مٽي وڌي وئي، افسوس! هي مٽي جو ئي ماڻهو آهي جيڪو خوشي ۾ ماپي ئي نٿو، مصيبت جي وقت شڪايتون ڪندو آهي، روئندو آهي، واويلا ڪندو آهي پر...!! افسوس! ماڻهو ڪجهه به ڪري، مٽي جو انجام مٽي ئي آهي. اي ٻانها! منهنجو منهنجو نه ڪر! منهنجي زمين، منهنجو مال، منهنجي ملڪيت، منهنجي گاڏي، منهنجو مانُ مرتبو، منهنجي زندگي وغيرهه وغيرهه، اهڙيون ڳالهيون ڪري آڪڙ نه ڏيکار! هيءَ دنيا ۽ هن ۾ جيڪو ڪجهه