Kar Saman Chalne Ka

Book Name:Kar Saman Chalne Ka

۽ ذوالحج جي ابتدائي 10 ڏينهن ۾ به زيارتِ قبور افضل آهي. ([1]) * قبر جي مٿان اگر بتي نه ٻارجي، ڇو ته ان ۾ بي ادبي ۽ بدفالي آهي، ها جيڪڏهن حاضرين کي خوشبو پهچائڻ لاءِ لڳائڻ چاهيو ته قبر جي ڀرسان موجود خالي جڳهه تي لڳايو جو خوشبو پهچائڻ پسنديدهه عمل آهي. ([2]) قبر جي مٿان ڏيئو يا ٻرندڙ موم بتي نه رکو، جيڪڏهن سخت اونداهه هجي، ٽارچ يا موبائل جي روشني موجود نه هجي، سرڪاري بتيون به نه هجن يا بند هجن ۽ رات جي اونداهي ۾ گهمڻ ڦرڻ يا ڏسي ڪري قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرڻ جي لاءِ روشني گهربل هجي ته قبر جي هڪ پاسي خالي زمين تي ميڻ بتي يا ڏيئو رکي سگهجي ٿو جڏهن ته اها خالي جڳهه اهڙي نه هجي جتي اڳ ۾ قبر هئي پر هاڻي مٽجي چڪي آهي. ([3])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                           صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري

اِجتِماع ۾ پڙهيا ويندڙ  6  درود شريف ۽  2 دعائون

(1) جمعه جي رات جو دُرُود

اَللّٰہُمَّ صَلِّ وَسَلِّمْ وَبَارِکْ عَلٰی سَیِّدِنَا مُحَمَّدِ نِ النَّبِیِّ الْاُمِّیِّ

 الْحَبِیْبِ الْعَالِی الْقَدْرِالْعَظِیْمِ الْجَاہِ وَعَلٰی اٰلِہٖ وَصَحْبِہٖ وَسَلِّمْ

 بزرگن فرمايو ته جيڪو شخص هر جمعرات (جمعه ۽ خميس جي وچين رات) هن دُرُود شريف کي پابندي سان گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو پڙهندو موت جي وقت سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زيارت ڪندو ۽ قبر ۾ داخل ٿيڻ وقت به ايستائين هو ڏسندو ته سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان کي پنهنجي هٿن سان قبر ۾ داخل ڪري رهيا آهن.)[4](


 

 



8... عا لمگیری،کتاب الکراہیۃ، الباب السادس عشر فی زیارۃ القبور ... الخ ،جلد:5، صفحہ:430۔

[2]...فتاوٰی رضویہ، جلد: 9صفحہ: 525-483ملخصاً۔

[3]... قبر والوں کی 25 حکایات، صفحہ:47۔

[4]... افضل الصلوات علی سید السادات، الصلاۃ السادسۃ والخمسون، ص151ملخصًا