Book Name:Kar Saman Chalne Ka
جون نيڪيون ۽ برائيون لکندا آهن ۽ جڏهن ان جي موت جو وقت ايندو آهي ته اهي فرشتا به پنهنجي جڳهه ڇڏي ڏيندا آهن ۽ مَلَكُ الْمَوت عَلَیْهِ السَّلَام ان جو روح قبض ڪرڻ اچي ويندو آهي جڏهن ان کي قبر ۾ رکيو ويندو آهي ته سندس روح جسم ۾ موٽايو ويندو آهي ۽ قبر جا ٻه فرشتا (يعني منڪر نڪير) ان جو امتحان وٺڻ ايندا آهن، پوءِ اهي به هليا ويندا آهن. پوءِ جڏهن قيامت قائم ٿيندي ته نيڪيون ۽ برائيون لکڻ وارا فرشتا هيٺ لهندا ۽ ان جي ڳچيءَ ۾ ٻڌل ڪتاب کوليندا، پوءِ اهي ان کي وٺي اهڙي طرح حاضر ٿيندا جو انهن مان هڪ اڳواڻ هوندو ۽ ٻيو سائق (يعني هلائيندڙ) هوندو. ان کان پوءِ پياري آقا، مديني واري مصطفى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: يقيناً توهان جي سامهون هڪ وڏو معاملو آهي جنهن جي توهان طاقت نه ٿا رکو، تنهنڪري الله عظيم ۽ اعليٰ کان مدد گهرو. ([1])
عمل کا ہو جذبہ عَطا یاالٰہی! گناہوں سے مجھ کو بچا یاالٰہی!
میں پانچوں نمازیں پڑھوں باجماعت ہو توفیق ایسی عطا یاالٰہی! ([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! اهو هرگز نه سوچجو ته جڏهن موت ايندو، قبر ۾ لاٿو ويندو، تڏهن ئي ڏٺو ويندو، نه ...!! نه! موت کي پري نه سمجهو! موت بس اچڻ ئي وارو آهي، ڪهڙي خبر اسان سڀاڻي جو سج به ڏسي سگهنداسين يا نه ...!! موت جي متعلق هي جيڪي ڳالهيون ڪيون وينديون آهن، ٿي سگهي ٿو ته اسان اڃان ڪيترائي سال زندهه رهون ۽ اهو به ممڪن آهي ته اسان سڀاڻي ئي قبر جي حوالي ٿي وڃون.
هي جنازو ڪنهن جو آهي ...؟
حضرت اَبُودَرْداءَ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جيڪي مشهور صحابي آهن، هڪ دفعي جو ذڪر آهي ته ڪٿان کان ڪو جنازو گذري رهيو هو، حضرت ابُو دَرْداءَ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ به جنازي سان گڏ وڃي رهيا هئا، ايتري ۾ هڪ شخص جنازي ۾ شريڪ ٿيو، عام طور تي ايئن ٿيندو آهي جو جنازو گذرندو ڏسي ماڻهو پڇندا آهن ته هي ڪنهن جو جنازو آهي؟ ان نئين شخص به پڇيو: مَنْ هٰذَا يعني هي ڪنهن جو جنازو آهي؟ حضرت اَبُو