Kar Saman Chalne Ka

Book Name:Kar Saman Chalne Ka

* تقريباً 16 هزار 500 کان وڌيڪ جامعات ۽ مدارس المدينه (بوائز ۽ گرلز) قائم آهن، جن ۾ حفظ و ناظرہ، عالِم ڪورس (درسِ نظامي)، مختلف تخصصات (Specialization)، فرائض علوم ڪورسز ڪرايا پيا وڃن.  *  جامعات و مدارس المدينه (بوائز ۽ گرلز) جي طلبا جو تعداد 5 لک 30 هزار کان وڌيڪ آهي. * وڏي عمر جي اسلامي ڀائرن ۽ ڀينرن کي قرآنِ ڪريم جي تعليم ڏيڻ لاءِ هن وقت تائين تقريباً 74 هزار 887 مدارس المدينه بالغان و  بالغات قائم ڪيا ويا آهن، جن ۾ پڙهندڙن جو تعداد تقريباً 4 لک 26  هزار کان وڌيڪ آهي. * فيضان آن لائن اڪيڊمي ذريعي تقريباً 24 هزار طلبا و طالبات ديني تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. *  هن وقت تائين تقريباً 21 دارالافتاء اهلسنت قائم ڪيا ويا آهن، جن ۾ شرعي رهنمائين جو تعداد  هر ماهه اوسطاً 20 هزار آهي. * المدينة العلميه (اسلامڪ رييسرچ سينٽر) ذريعي ديني لٽريچر تي تحقيقي ڪم ڪيو وڃي ٿو، اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! هن شعبي تحت هن وقت تائين 1784 ڪتابن ۽ رسالن تي ڪم ٿي چڪو آهي. هن شعبي ۾ ڪيترائي مدني عالِمَ سڳورا خدمت انجام ڏئي رهيا آهن، الله پاڪ جي ڪرم سان دعوتِ اسلامي انهن مدني عالمن کي باقاعده پگهارون ڏيندي آهي.     * ديني لٽريچر جي اشاعت لاءِ دعوتِ اسلامي پنهنجو اشاعتي ادارو مڪتبة المدينه قائم ڪيو آهي، جتي بهترين ۽ خوبصورت انداز ۾ ڪتابن جي اشاعت ڪئي ويندي آهي، تقسيم رسائل (يعني مختلف ڪتابَ ۽ رسالا مفت ۾ ورهائڻ) جو سلسلو به جاري آهي ۽ ڪتاب وڪرو به ڪيا وڃن ٿا * سڄي دنيا ۾ ديني ڪمن جي ڌوم مچائڻ لاءِ دعوتِ اسلاميءَ جو مڪمل تنظيمي سيٽ اپ موجود آهي، ذيلي حلقي کان وٺي مرڪزي مجلسِ شورى تائين پورو هڪ نظام قائم آهي، شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ ذمّيدارَ موجود آهن. * عاشقانِ رسول جي تربيت ڪري انهن کي ديني ڪم ڪرڻ لاءِ ملڪ اندر ۽ ٻاهرين ملڪن ڏانهن موڪليو ويندو آهي، انهن کي باقاعدهه پگهارون ڏنيون وينديون آهن ته جيئن اهي فارغ البال (يعني ڪمائڻ کان بي پرواھ) ٿي دين جي خدمت ڪندا آهن. * ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمز تي به خدمتِ دين جو سلسلو جاري آهي، * پرنٽ ميڊيا (۾