Book Name:Kar Saman Chalne Ka
اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! * علمِ دين سکڻ جو موقعو ملندو * ايتري دير مسجد ۾ ويهڻ جو ثواب ملندو * نيڪ صحبت ۾ ويهڻ نصيب ٿيندو * گهر کان ئي درس ۾ شرڪت جي نيت ڪري نڪرندﺆ ته راههِ علمِ دين ۾ هلڻ جو ثواب ملندو* اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! مخلوق، ايسيتائين جو درياءَ جون مڇيون به دعا ڪنديون.
هوٽل جي زينت بڻجڻ وارو نوجوان
حيدرآباد، سنڌ جو مقيم هڪ اسلامي ڀاءَ پنهنجو واقعو هيئن بيان ڪري ٿو: مان گناهن ۾ايتري قدر ڦاٿل هيس جو مون کي پنهنجي زندگي جي قيمتي گهڙين جي برباد ٿيڻ جو بلڪل احساس نه هو، معمول مطابق ان ڏينهن به مان هوٽل ۾ موجود هيس ۽ ٽي وي تي هلڻ واري فلمي منظرن ۾ گم هيس ته ايتري ۾ سنتن ڀريو لباس پاتل هڪ اسلامي ڀاءُ منهنجي ويجهو آيو ۽ گرم جوشي سان مصافحو ڪرڻ کان بعد چوڻ لڳو: پيارا ڀاءَ ٻاهر چوڪ درس ٿي رهيو آهي. اوهان ڪجھ منٽ عطا فرمايو اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیم کوڙ سارين نيڪين جو خزانو هٿ ايندو. مان ان جي خوش اخلاقي ۽ ملنساري کان متاثر ٿي هٿو هٿ ان سان گڏ هلي پيس. هوٽل جي ٻاهران هڪ اسلامي ڀاءُ فيضان سُنت مان درس ڏئي رهيو هو، ٻين اسلامي ڀائرن جيان مان به درس ٻڌڻ ۾ مشغول ٿي ويس، درس ٻُڌي منهنجي دل ۾ خوفِ خدا پيدا ٿيو ۽ مون سچي دل سان توبهه ڪئي ۽ اسلامي ڀائرن جي صحبت اختيار ڪئي، جنهن جي بدولت ڪڏهن سُنتن ڀريي اجتماع ۾ شرڪت جي سعادت، ته ڪڏهن مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سفر نصيب ٿيڻ لڳو. آهستي آهستي مان ديني ماحول جي ويجهو ٿيندو ويس، آخرڪار هوٽلن جي زِينَت بڻجڻ وارو نوجوان درس جي برڪت سان اڄ اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! عاشقانِ رسول سان گڏ مسجد ۾ راتيون گذارڻ وارو بڻجي ويو. ([1])
عطائے حبیبِ خدا مَدنی ماحول ہے فَیضانِ غوث و رضا مَدنی ماحول
سَنور جائے گی آخرت ان شاء اللہ تم اپنائے رکّھو سدا مَدنی ماحول ([2])