Kar Saman Chalne Ka

Book Name:Kar Saman Chalne Ka

سعادت ئي سعادت آهي. انهن پاڪ هستين کي ايصالِ ثواب ڪرڻ پسنديده ۽ ثواب وارو ڪم آهي. ([1]) * قبرستان ۾ اهڙيءَ طرح بيهو جو قبلي طرف پٺ ۽ قبر وارن جي چهري طرف مُنهن هجي، پوءِ حديثِ پاڪ ۾ بيان ڪيل طريقي موجب هن ريت سلام ڪيو: اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ یَا اَھْلَ الْقُبُوْرِ یَغْفِرُ اللہُ لَنَا وَلَکُمْ اَنْتُمْ سَلَفُنَا وَنَحْنُ بِالْاَثَرِ يعني اي قبر وارؤ! توهان تي سلامتي هجي، الله پاڪ اسان جي ۽ توهان جي مغفرت فرمائي، توهان اسان کان پهريان اچي ويا ۽ اسان توهان کان بعد اچڻ وارا آهيون. ([2])  * قبرستان ۾ داخل ٿي هيءَ دعا پڙهي وڃي: اَللّٰھُمَّ رَبَّ الْاَجْسَادِ الْبَالِیَۃِ وَالْعِظَامِ النَّخِرَۃِ الَّتِیْ خَرَجَتْ مِنَ الدُّنْیَا وَھِیَ بِکَ مُؤْمِنَۃٌ اَدْخِلْ عَلَیْھَا رَوْحًا مِّنْ عِنْدِکَ وَسَلامًا مِّنِّی (ترجمو: اي الله! اي ڳري وڃڻ وارن جسمن ۽ مٽجي ويندڙ هڏين جا رب! جيڪي دنيا مان ايمان جي حالت ۾ رخصت ٿي ويا تون انهن تي پنهنجي رحمت فرماءِ ۽ انهن کي منهنجو سلام پهچاءِ)

      شَرْحُ الصُّدُوْر ۾ آهي: جيڪو شخص قبرستان ۾ داخل ٿي هيءَ دعا پڙهي ته حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام  کان وٺي دعا پڙهڻ جي وقت تائين جيترا به مسلمان وفات ڪري چُڪا آهن سڀئي دعا پڙهندڙ لاءِ دعاءِ مغفرت ڪندا. ([3]* جيڪڏهن قبر وٽ ويهڻ چاهيو ته صاحبِ قبر جي مرتبي جو لحاظ رکندي با ادب ويهو * قبرن جي زيارت لاءِ هي 4 ڏينهن بهتر آهن : سومر، خميس، جمعو، ڇنڇر.([4]) * جمع جي ڏينهن نمازِ فجر کان پوءِ زيارتِ قبور افضل آهي. ([5]* رات جو اڪيلو قبرستان نه وڃڻ گهرجي. ([6]بابرڪت راتين خصوصاً شَبِ بَرَاءَت ۾ زيارتِ قبور افضل آهي. ([7])  اهڙي طرح بابرڪت ڏينهن مثلاً عيدالفطر، عيدالاضحيٰ 10 محرم،


 

 



[1]...فتاوٰی رضویہ ،جلد: 9، صفحہ: 532۔

[2]...تِرمِذی، کتاب :جنائز، صفحہ: 275حدیث 1053۔

[3]...شَرْحُ الصُّدُور،الباب الثامن و الثلاثون...الخ، صفحہ:160۔

[4]... عا لمگیری،کتاب الکراہیۃ، الباب السادس عشر فی زیارۃ القبور...الخ،جلد:5، صفحہ:430۔

[5]...فتاوٰی رضویہ، جلد: 9، صفحہ: 523۔

[6]...فتاوٰی رضویہ، جلد: 9، صفحہ: 523۔

[7]... عا لمگیری،کتاب الکراہیۃ، الباب السادس عشر فی زیارۃ القبور...الخ،جلد:5، صفحہ:430۔