Aao Bhalai Ki Taraf

Book Name:Aao Bhalai Ki Taraf

خوبصورت ڳالهه فرمايائون: ڪيڏونه  محروم آهي اهو شخص جيڪو سمنڊ تائين پهچي وڃي، پر اتان صرف هڪ گلاس پاڻي کڻي واپس اچي. سمنڊ ۾ ته موتي به هوندا آهن، هيرا جواهر به هوندا آهن، تمام گهڻيون عظيم نعمتون به سمنڊ ۾ هونديون آهن، جڏهن سمنڊ تائين پهچي ئي ويو آهي ته پوءِ صرف هڪ گلاس پاڻي تي ئي بَس ڇو ڪري رهيو آهي...؟ ([1])

اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! رمضان شريف اچي رهيو آهي! اهو مهينو، جنهن ۾  فرض جو ثواب 70 ڀيرا وڌايو ويندو آهي * نفل جو ثواب فرض جي برابر ڪيو ويندو آهي    * روزانو لکين گنهگارن جي بخشش ٿيندي آهي * ڏينهن رات رحمتون ئي رحمتون وسنديون آهن، هاڻي جڏهن قسمت سان اسان کي رمضان شريف  نصيب ٿي ويو آهي ته پوءِ صرف 5 نمازن تي ئي بس ڇو ڪيون؟ * صرف 20 رڪعت تراويح تائين ئي محدود ڇو رهون؟ * صرف روزو رکي بک ۽ اُڃ برداشت ڪرڻ تي ئي راضي  ڇو رهون؟ انهن سان گڏوگڏ تہجد، اشراق، چاشت ۽ اوابين جا نفل ڇو نه پڙهون؟ * راتيون عبادت ۾ ڇو نه گذاريون؟ * درود پاڪ جي ڪثرت ڪري، وڌِ کان وڌِ ثواب ڪمائڻ جي ڪوشش ڇو نه ڪريون؟ * تلاوت جي ڪثرت ڪري، هڪ هڪ حرف تي ڪيترائي دفعا وڌيڪ نيڪيون ڇو نه ڪمايون....؟ رمضان شريف نصيب جو ٿي ويو آهي، هاڻي ته گهرجي ته جھوليون ڀري ڀري رحمتون حاصل ڪيون، ڏينهن رات، صبح شام، بس نيڪيون ئي نيڪيون ڪندا رهون، پنهنجو پاڻ کي عبادت ۾ ايئن مصروف ڪري ڇڏيون، جو دنيا جي خبر ئي نه رهي! Top of Form

Bottom of Form

ہرگھڑی رحمت بھری ہے ہرطرف ہیں بركتیں                             ماہ  رمضاں رحمتوں اور  بركتوں كی كان ہے ([2])

عبادت  لاءِ  سَندِرو  ٻڌي  ڇڏيندا  هئا

مسلمانن جي امّي جان، حضرت عائشه صِدِّيقه طيبہ طاهِره رَضِیَ اللهُ عَنْہا فرمائن ٿيون جڏهن رمضان شريف ايندو هو ته پيارا آقا، مديني وارا مصطفى صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم 


 

 



[1]... ؟؟؟ ۔

[2]... وسائلِ بخشش، صفحہ:705 ۔