Aao Bhalai Ki Taraf

Book Name:Aao Bhalai Ki Taraf

(4): شبِ  قدر  ۾  عبادت  ڪرڻ

اي عاشقانِ رسول! رمضان شريف جي چوٿين اهم ۽ خاص عبادت آهي: شبِ قدر ۾ عبادت ڪرڻ۔ شبِ قدر نهايت ئي بابرڪت رات آهي، ان کي لَیْلَۃُ الْقَدْر به چيو ويندو آهي۔ الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

لَیْلَةُ الْقَدْرِ ﳔ خَیْرٌ مِّنْ اَلْفِ شَهْرٍؕؔ(۳) (پارہ:30، سورۀ قدر، آیت:3)

ترجموڪنزالعرفان: شبِ قدر هزار مهينن کان بهتر آهي.

اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! جيڪو شخص شبِ قدر ۾ عبادت ڪري، ان کي هڪ هزار مهينن (يعني 83 سال 4 مهينا) کان به وڌيڪ عبادت ڪرڻ جو ثواب ملندو آهي.

شبِ قدر رمضان شريف جي آخري ڏهاڪي جي طاق (اِڪي) راتين (يعني 21 هين، 23 هين، 25 هين، 27 هين ۽ 29 هين رات) مان ڪنهن هڪ رات ۾ هوندي آهي، ان جي باري ۾ ٻيا به قول موجود آهن، پر اڪثر عُلماء هن تي متفق آهن ته               رمضان شريف جي 27 هين رات شبِ قدر هوندي آهي. ([1]اسان کي گهرجي ته پورو رمضان شريف  ئي غفلت کان بچندي گذاريون، خاص طور تي آخري ڏهاڪي جي طاق (اِڪي) راتين ۾ ضرور ضرور عبادت ڪيون.

 بھائیو! بہنو! کرو سب نیکیوں پر نیکیاں                                                     پڑ گئے دوزَخ پہ تالے، قید میں شیطان ہے

بھائیو! بہنو! گُنَاہوں سے سبھی توبہ کرو                                                         خُلد کے دَر کھل گئے ہیں داخِلہ آسان ہے  ([2])

(5) اعتڪاف

      رمضان شريف جي پنجين اهم عبادت آهي: اِعتڪاف. نفلي اعتڪاف ته ڪنهن به وقت ڪري سگهجي ٿو پر جيڪو اعتڪاف سنّتِ مؤڪدہ آهي، اهو رمضان شريف ۾ ئي ٿيندو آهي. پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان پورو رمضان شريف اعتڪاف ڪرڻ به ثابت آهي ۽ پوئين ڏهاڪي (يعني آخري 10 ڏينهن)


 

 



[1]... ؟؟؟ ۔

[2]...وسائل بخشش، صفحہ:706۔