Aao Bhalai Ki Taraf

Book Name:Aao Bhalai Ki Taraf

ڪيون ويون آهن * هيلٿ ڪيئر سينٽر ۾ هن وقت تائين 61 هزار 667 کان وڌيڪ مريض علاج لاءِ اچي چڪا آهن. 

 توهان به خدمتِ دين جي هن نيڪ ڪم ۾ پنهنجو حصو شامل ڪيو! پنهنجا عطيات دعوتِ اسلامي کي ڏيو، توهان جا عطيات يعني چندو ڪنهن به نيڪ، جائز، ديني، اصلاحي، فلاحي، روحاني، خير خواهي، ڀلائي ۽ آمدني وڌائڻ جي جائز ۽ محفوظ ڪم ۾ لڳائي سگهجي ٿو ته جيئن وڌندڙ خرچن کي پورو ڪري سگهجي.

دعوتِ اسلامی کی قَیُّوم، سارے جہاں میں مچ جائے دُھوم

اس پہ فِدا ہو بچہ بچہ یااللہ! مری جھولی بھر دے

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هڪ ڏينهن راههِ خدا ۾

پيارا اسلامي ڀائرو! دِل ۾ الله ۽ رسول جي محبت وڌائڻ، ايمان ۽ يقين کي پختو ڪرڻ ۽ دين ۽ دنيا جون ڀلايون حاصل ڪرڻ لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! 12 ديني ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺو اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تمام گهڻيون برڪتون حاصل ٿينديون.  12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم:  هڪ ڏينهن راهِ خدا ۾ به آهي.

 دورِ حاضر جي عظيم علمي ۽ روحاني شخصيت، اميرِ اهلِ سنت مولانا محمد الياس عطاري قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  اسان کي هي مقصد ڏنو آهي ته: مون کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دعوتِ اسلامي جا عاشقانِ رسول هن مقصد جي تڪميل لاءِ مختلف ڳوٺن، شهرن ۽ ڀرپاسي وارن اهڙن علائقن جتي ديني ڪم ڪمزور آهي ۾ وڃي نيڪي جي دعوت عام ڪندا آهن. *  ڪنهن به ڏينهن خاص طور تي جمعي يا آچر جي ڏينهن اسلامي ڀائر انهن علائقن ۾ ويندا آهن * اتي مسجد ۾ نفلي اعتڪاف ڪيو ويندو آهي * نيڪي جي دعوت عام ڪئي ويندي آهي * توهان به ايندا ڪريو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! *علمِ دين سکڻ جو موقعو ملندو * نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو ثواب نصيب ٿيندو * راههِ خدا ۾ نڪرڻ جي سعادت حاصل ٿيندي