Book Name:Aao Bhalai Ki Taraf
ابرِ رحمت چھا گیا ہے اور سماں ہے نُور نُور فضلِ رَبّ سے مغفرت کا ہو گیا سامان ہے
ہر گھڑی رحمت بھری ہے، ہر طرف ہیں برکتیں ماہِ رمضاں رحمتوں اور برکتوں کی کان ہے ([1])
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
حضرت جابر بن عبدالله رَضِیَ اللهُ عَنْہما کان روايت آهي؛ الله پاڪ جي سڀني کان آخري نبي، محمد عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: منهنجي امّت کي رمضان شريف ۾ پنج شيون اهڙيون عطا ڪيون ويون آهن، جيڪي مون کان پهريان ڪنهن به نبي عَلَیْهِ السَّلَام کي نه مليون آهن: (1) جڏهن رمضان شريف جي پهرين رات ايندي آهي ته الله پاڪ انهن جي طرف رحمت جي نظر فرمائيندو آهي ۽ جنهن تي الله پاڪ رحمت جي نگاهه فرمائي، ان کي ڪڏهن به عذاب نه ڏيندو. (2) شام جي وقت انهن جي وات جي بوءِ (جيڪا بک جي ڪري ٿيندي آهي) الله پاڪ وٽ مشڪ جي خوشبو کان به بهتر آهي. (3) فرشتا هر رات ۽ ڏينهن انهن لاءِ مغفرت جون دعائون ڪندا رهندا آهن. (4) الله پاڪ جنت کي حڪم فرمائيندو آهي ته منهنجي (نيڪ) ٻانهن لاءِ سينگارجي وڃ، جلد ئي اهي دنيا جي تڪليف کان، منهنجي گهر ۽ منهنجي ڪرم ۾ آرام ماڻيندا. (5) جڏهن رمضان شريف جي آخري رات ايندي آهي ته الله پاڪ سڀني جي بخشش فرمائيندو آهي، قوم مان هڪ شخص اٿي عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! ڇا اها لَیْلَۃُ الْقَدْر آهي؟ ارشاد فرمايائون: نه، ڇا تون نه ٿو ڄاڻين ته جڏهن مزدور پنهنجن ڪمن کان فارغ ٿيندا آهن ته انهن کي اجرت ڏني ويندي آهي
۔([2])
عاصیوں كی مغفرت كا لے كر آیا ہے پیام جُھوم جاؤ مجرمو رَمَضاں مہ ِغُفران ہے
دو جہاں كی نعمتیں ملتی ہیں روزہ دار كو جو نہیں ركھتا ہے روزہ وہ بڑا نادان ہے ([3])