Aao Bhalai Ki Taraf

Book Name:Aao Bhalai Ki Taraf

هو، جيڪو هڪ انسان ٻئي انسان کي ڏنو هو، جڏهن انهيءَ قيمتي لباس جو غلط استعمال ڪيو ويو ته هڪ انسان ٻئي انسان کي محفل مان ڌِڪاري ڇڏيو، سوچيو ته الله پاڪ جيڪو سڄي جهان جو خالق ۽ مالڪ آهي، ان مون کي انسانيت جو قيمتي لباس عطا ڪري اشرف المخلوقات (يعني  تمام مخلوقات ۾ وڌيڪ عزت وارو) بڻايو آهي. جيڪڏهن مان ان لباس جو غلط استعمال ڪيان، صرف دنيا جي پويان ڊوڙندو رهان ۽ ان جي سزا ۾ الله پاڪ مون کي پنهنجي بارگاهه مان ڪڍي ڇڏيو ته پوءِ مان ڇا ڪندس ...!!؟ تنهنڪري مان گورنري ڇڏي الله پاڪ جي عبادت ۾ مصروف ٿيڻ چاهيان ٿو.

اهو چئي گورنر ابوبڪر محل مان نڪري آيا، حضرت جنيد بغدادي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ توبہه ڪري عبادت ۽ رياضت ۾ مشغول ٿي ويا. بعد ۾ اهي ئي گورنر حضرت ابوبڪر شبلي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي نالي سان مشهور ٿياTop of Form

Bottom of Form

۔([1])

حضرت ابوبڪر شبلي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه تمام وڏا وليُ الله هئا، پاڻ  سلسله عاليه قادريه رضويه عطاريه جا  12 نمبر تي شيخِ طريقت آهن.

بہرِ شِبْلی شیرِ حق دُنیا کے کُتّوں سے بچا                                     ایک کا رکھ عَبْدِ واحِد بےریا کے واسطے ([2])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                             صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

پنهنجي قيمت سڃاڻو!

     پيارا اسلامي ڀائرو! واقعي هيءَ ڪيڏي نه نصيحت ڀري ڳالهه آهي، هڪ بادشاهه جي ڏنل لباس جو غلط استعمال ڪيو ويو ته بادشاهه کي سٺو نه لڳو، بادشاهه گورنر کي دڙڪا ڏئي محفل مان ڪڍي ڇڏيو، ته پوءِ غور ڪيو! اسان کي ته الله پاڪ، ٻنهي جهانن جي خالق ۽ مالڪ انسانيت جو لباس پارايو آهي، اسان کي اشرف المخلوقات بڻايو آهي، اسان جي ڏاڏي حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام  کي فرشتن کان سجدو ڪرايو آهي.

 هي ڪيڏو وڏو ڪرم آهي...!! اهو قدرتن وارو ربّ، چاهي ها ته اسان کي ڪو جانور بڻائي ڇڏي ها، مڇي بڻائي درياءَ ۾ اڇلائي ڇڏي ها، مَکِ يا ڪو مڇر بڻائي


 

 



[1]...تذکرۃ الالیا، جلد:2، صفحہ:136 مفصلاً۔

[2]...حدائقِ بخشش، صفحہ:148۔