Book Name:Aao Bhalai Ki Taraf
پيارا اسلامي ڀائرو! واقعي سچي ڳالهه آهي، جيڪو نيڪ رستو اختيار ڪندو آهي، الله پاڪ ان جا سڀ بگڙيل ڪم سنواري ڇڏيندو آهي. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! رمضان شريف اچي رهيو آهي، هي هڪ مهينو اسان الله پاڪ جي نالي ڪري ڇڏيون، بس هي پڪو ارادو ڪري ڇڏيون ته ٻيا ڪم ٿين يا نه ٿين، عبادت ضرور ڪرڻي آهي، نيڪ ڪم لازمي ڪرڻا آهن، هن مهيني ٿورو ڪمائيندا سين پر نيڪين ۾ گهٽتائي اچڻ هرگز نه ڏينداسين.
عبادت ڪيو ...!! ثابت قدمي سان ڪيو!
سيپارو 16، سورۂ مریَم جي آيت نمبر 65 ۾ الله پاڪ جو فرمان آهي:
رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ وَ مَا بَیْنَهُمَا فَاعْبُدْهُ وَ اصْطَبِرْ لِعِبَادَتِهٖؕ- (پارہ:16، سورۀ مریم:65)
ترجموڪنزالعرفان: آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪو ڪجهه انهن جي وچ ۾ آهي سمورن جو رب (اهو ئي آهي) سو انهيءَ جي عبادت ڪر ۽ ان جي بندگي تي ثابت قدم رهه.
يعني الله پاڪ ئي آهي، جيڪو زمين ۽ آسمان جو خالق به آهي، مالڪ به آهي، اهو ئي تمام جهانن جو پالڻ وارو آهي، بس ان جي ئي عبادت ڪر! فرمايو ويو:
وَ اصْطَبِرْ لِعِبَادَتِهٖؕ- (پارہ:16، سورۀ مریم:65)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ ان جي عبادت تي ثابت قدم رهه
يعني راههِ عبادت ۾ مشڪلون اينديون، مشقت ٿيندي پر توهان ان تي ثابت قدم رهو، مستقل مزاجي سان عبادت ڪندا رهو. ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! هي هڪ بهترين سبق آهي: عبادت ڪرڻ، ثابت قدمي ۽ مستقل مزاجي سان ڪرڻ. اسان وٽ هي هڪ وڏو مسئلو آهي ته اسان عبادت ڏانهن مائل ته ٿي ويندا آهيون، پر ان تي استقامت اختيار نه ڪندا آهيون، ثابت قدمي سان عبادت نه ڪندا آهيون. هاڻي جيئن ته رمضان شريف اچي ويو آهي، رمضان شريف جي اچڻ سان عبادت جو شوق وڌي ويندو آهي، اسان ڪيترائي