Book Name:Aao Bhalai Ki Taraf
*حديث پاڪ جو خلاصو آهي: جيڪي پير راهِه خدا ۾ مٽيءَ سان ڀرجي وڃن، انهن کي جهنّم جي باهه نه ڇهندي ([1]) * جيڪو شخص الله پاڪ جي رضا خاطر پنهنجي مسلمان ڀائرن وٽ شهر جي مضافات ۾ وڃي، حديث پاڪ ۾ ان لاءِ جنت جي بشارت آئي آهي. ([2]) اچو ته ترغيب لاءِ توهان کي هڪ مدني بهار ٻڌايان ٿو.
اسان ته بس دعوتِ اسلامي جا ئي ٿي ويا سين
هڪ اسلامي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان پهريان مان عام نوجوانن وانگر غفلت واري زندگي بسر ڪري رهيو هئس، منهنجي قسمت جو ستارو هينئن چمڪيو، جو هڪ ڏينهن اسان جي علائقي ۾ ڪجهه اسلامي ڀائر هڪ ڏينهن راههِ خدا ۾گذارڻ جي لاءِ آيا، انهن مان هڪ اسلامي ڀاءُ مون کي هن ديني ڪم ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني، تنهنڪري مان به پنهنجن ڪجهه دوستن کي ساڻ ڪري انهن سان شامل ٿي ويس، واپس وڃڻ مهل، هڪ اسلامي ڀاءُ هفتيوار اجتماع ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني، اسان عرض ڪيو، جيڪڏهن ياد رهيو ته، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ضرور شرڪت ڪنداسين. بهرحال اسان اجتماع ۾ شرڪت ڪئي، اتي ان ئي اسلامي ڀاءُ سان ملاقات ٿي جنهن اسان کي اجتماع جي دعوت ڏني هئي، هو ايڏو اخلاق سان پيش آيو جو اسان ته بس دعوتِ اسلامي جا ئي ٿي وياسين، منهنجو ته ڄڻ زندگي گذارڻ جو انداز ئي بدلجي ويو، نمازن جي پابندي نصيب ٿي وئي،گانن جي جاءِ تي نعت شريف ٻڌڻ لڳس، چهري تي ڏاڙهي ۽ مٿي تي عمامو سجائي ڇڏيو ائين دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي ويس.
عطائے حبیبِ خدا دینی ماحول ہے فَیضانِ غوث و رضا دینی ماحول
تُو داڑھی بڑھا لے عِمامہ سجا لے نہیں ہے یہ ہرگز بُرا دینی ماحول
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد