Aao Bhalai Ki Taraf

Book Name:Aao Bhalai Ki Taraf

اي عاشقانِ رسول! گهٽ کائڻ سنّت آهي اسان جا پيارا آقا، مديني وارا مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جيستائين دنيا ۾ تشريف فرما رهيا، ڪڏهن به لاڳيتو  2 راتيون پيٽ ڀري نه کاڌائون پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بکَ جي سبب پيٽ تي پٿر ٻڌندا هئا.

کاڌي جي مقدار جي باري ۾ احڪام:

 بُکَ رکي ڪري کائڻ سنّت آهي. جيتري بُک آهي، اوترو کائي وٺڻ مباح آهي (يعني ان ۾ نه گناھ، نه ثواب). پيٽ ڀري ڪري اوترو کائڻ جو پيٽ خراب ٿيڻ جو گمان هجي، حرام آهي.  پيٽ ڀري اوترو کائڻ جو پيٽ خراب ٿيڻ جو انديشو نه هجي مڪروھ آهي. غذا ۾ ايتري گهٽتائي ڪري ڇڏڻ جو فرائض جي ادائيگي ۾ خلل اچي، ناجائز آهي.[1]

مختلف سنتون سکڻ لاءِ مڪتبة المدينه جي بهارِ شريعت جلد : 3، حصو: 16 ۽ اميرِ اهلِ سنت، حضرت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه  جو 91  صفحن تي مشتمل ڪتاب  550 سنتون ۽ آداب خريد ڪريو ۽ پڙهو، سنتن سکڻ جو هڪ بهترين ذريعو دعوتِ اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنتن ڀرپور سفر ڪرڻ به آهي.

اُلفتِ مصطفےٰ اور خوفِ خدا                                                                                                    چاہئے گر تمہیں قافلے میں چلو

گر مدینے کا غم چاہئے چَشمِ نَم                                                                                            لینے یہ نعمتیں قافلے میں چلو ([2])

 اللہ پاڪ عمل جي توفيق عطا فرمائي. آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري

اِجتِماع ۾ پڙهيا ويندڙ  6  درود شريف ۽  2 دعائون


 

 



[1] بہارِ شَرِیْعت، حصہ:16، جلد:3، صفحہ:374ملخصًا ۔

[2]...وسائل بخشش، صفحہ:669۔