Aao Bhalai Ki Taraf

Book Name:Aao Bhalai Ki Taraf

سوالن جا جواب به عنايت فرمائيندا. تمام ذميداران ۽ عاشقانِ رسول پاڻ به ان مدني مذاڪري ۾ شرڪت ڪن ۽ ٻين کي به ان جي دعوت ڏين.  * شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنت هر هفتي هڪ ديني رسالو پڙهڻ جي ترغيب ڏيندا آهن۔ ايندڙ هفتي جي مدني مذاڪري ۾ فيضانِ حضرت بي بي فاطمه رَضِیَ اللهُ عَنْہا رسالي جو اعلان ڪيو ويندو. هي رسالو پاڻ به پڙهو، ٻين کي به ترغيب ڏياريو ۽ جيڪي سوشل ميڊيا مثلاً واٽس ايپ وغيره استعمال ڪندا آهن، رضاءِ الٰهي ۽ ثواب لاءِ  هي رسالو ٻين سان  به شيئر (Share) ڪيو!

* مڪتبةُ المدينه پيش ڪري رهيو آهي مرحوم نگران مرڪزي مجلسِ شُوى، ثنا خوانِ رسول، مبلغ دعوتِ اسلامي حاجي مشتاق عطاري جي سِيرت تي مشتمل هڪ نهايت ئي پيارو رسالو عطّار جو پيارو"“.

قيمت:  صرف 32  روپيا

اڄ ئي مڪتبةُ المدينه جي ڪنهن به شاخ تان هيءُ رسالو حاصل ڪيو، پاڻ به مطالعي ڪيو ۽ ٻين کي به دعوت ڏيو!

 صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْبِ!                                             صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام طرف آڻيندي سنت جي فضيلت ۽ زندگي جا ڪجهه آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. پياري آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم فرمايو: مَنْ أَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ أَحَبَّنِي وَمَنْ أَحَبَّنِي كَانَ مَعِي فِي الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي، ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي، اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])  

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                                                                 جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

گهٽ کائڻ سنّت آهي

   فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: جڏهن ٻانهو پنهنجي کاڌي ۾ گهٽتائي ڪندو آهي ته ان جو سينو نور سان ڀريو ويندو آهي.[2]


 

 



[1]...مشکوٰۃ،کتابُ:الْاِیمان،بابُ:الْاِعْتِصَام، جلد:1، صفحہ:55، حدیث:175۔

[2] جامع صغیر، صفحہ:35،حدیث:469۔