Book Name:Aao Bhalai Ki Taraf
سُبْحٰنَ اللہ! رمضان شريف الله پاڪ جو مهينو آهي. سڀئي مهينا الله پاڪ جا آهن، ڏينهن، مهينا، سال، سڀ ڪجهه ان پاڪ ربّ ئي بڻايو آهي، اهو ئي هي سمورو نظام هلائي رهيو آهي، اهو ئي خالق آهي، اهو ئي مالڪ آهي. سڀ مهينا الله پاڪ جا آهن، پر رمضان شريف خاص طور تي الله پاڪ ڏانهن منسوب آهي. جهڙيءَ ريت ساري زمين الله پاڪ جي آهي، پر فقط مسجد کي الله جو گهر چيو ويندو آهي. ان جو مطلب ڇا آهي؟ مطلب هي آهي ته سموري زمين سٺي آهي، پر مسجد جي عظمت تمام گهڻي آهي * گهر ۾ نفل پڙهو، ثواب ملندو، مسجد ۾ اچي پڙهو! وڌيڪ ثواب ملندو * ٻاهر نافرماني ڪيو ته گناهه ٿيندو آهي، مسجد ۾ اچي ڪيو ته وڌيڪ گناهه ٿيندو آهي. اهڙي طرح رمضان شريف الله پاڪ جو مهينو آهي. يعني سڀئي مهينا سٺا آهن، فضيلت وارا آهن، پر رمضان شريف تمام گهڻي فضيلت وارو آهي * عام ڏينهن ۾ نيڪي ڪيو، ثواب ملندو، رمضان شريف ۾ نيڪي ڪريو، تمام گهڻو ثواب ملندو. عام ڏينهن ۾ برائي ڪيو، گناهه ٿيندو، رمضان شريف ۾ برائي ڪيو ته وڌيڪ گناهه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته هي الله پاڪ جو مهينو آهي.
پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪو رمضان ۾ گناهه جو ڪم ڪندو آهي، الله پاڪ ان جا سڄي سال جا عمل ضايع فرمائي ڇڏيندو آهي.([1])
الله پاڪ اسان کي گناهن کان بچڻ ۽ سڄو رمضان شريف نيڪين ۾ گذارڻ جي توفيق نصيب فرمائي. اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! رمضان شريف اچي رهيو آهي، نيت ڪيو ته! اسان کي سمورو رمضان شريف صرف ۽ صرف نيڪين ۾ ئي گذارڻو آهي. مولانا روم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هڪ ڀيرو ڪنهن کي نصيحت ڪري رهيا هئا، پاڻ تمام