Aao Bhalai Ki Taraf

Book Name:Aao Bhalai Ki Taraf

نيڪ ارادا ڪندا آهيون پر پوءِ آهستي آهستي عبادت جو ذوق گهٽجڻ لڳندو آهي، رمضان شريف جي پهرين ڏهاڪي ۾ مسجدن ۾ رونق هوندي آهي،  تراويح ۾ به سٺو تعداد هوندو آهي، تلاوت جي به گهڻي رغبت هوندي آهي، پر ٻئي ڏهاڪي ۾ اهو ذوق گهٽجي ويندو آهي، نمازين جي تعداد ۾  به گهٽتائي ٿي ويندي آهي، تراويحن ۾ به وڃي ڪجهه ماڻهو بچندا آهن، اها جيڪا ڪمي آهي، سا نه ٿيڻ گهرجي، اها سٺي ڳالهه نه آهي.

پسنديدهه عمل ڪهڙو آهي؟

مسلمانن جي پيارِي اَمِّي جان، سيده عائشه رَضِیَ اللهُ عَنْہا کان پڇيو ويو: پياري آقا، مڪي مدني مصطفى صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم جو سڀ کان وڌيڪ پسنديده عمل ڪهڙو هو؟ فرمايائون:  مَا دِیْمَ عَلَیْہِ يعني اهو نيڪ عمل، جنهن تي هميشگي اختيار ڪئي وڃي.([1])

معلوم ٿيو اسان کي عبادت ڪرڻي آهي، ثابت قدمي سان ڪرڻي آهي، سڄو رمضان شريف ڪرڻي آهي، رمضان شريف کان بعد به، بلڪه اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! مرڻ گهڙيءَ تائين عبادت ئي ڪرڻي آهي.

رمضان شريف جو ن 5 خصوصي عبادتون

پيارا اسلامي ڀائرو! حڪيم الامت، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: رمضان شريف جون 5 خاص عبادتون آهن: (1):روزو (2): تراويح          (3): تلاوتِ قرآن (4): شبِ قدر جي عبادت (5): اعتڪاف.([2])

(1):   روزي   جون   فضيلتون

هونئن ته عام ڏينهن ۾ به نفلي روزا رکيا ويندا آهن پر رمضان شريف جا روزا الله پاڪ فرض ڪيا آهن. قرآن ڪريم ۾ ارشاد آهي:


 

 



[1]...ترمذی، کتاب الادب، صفحہ:664، حدیث:3856۔

[2]... تفسیر نعیمی ،پارہ:2 ،سورۂ بقرہ،زیرِ آیت:185،جلد:2،صفحہ:228 ۔