Book Name:Aao Bhalai Ki Taraf
هئا، حضرت جبرائيلِ امين عَلَیْهِ السَّلَام حاضر ٿيندا هئا، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرشتن جي سردار حضرت جبرائيلِ امين عَلَیْهِ السَّلَام سان گڏ قرآن ڪريم جو دَور ڪندا هئا.([1])
رمضان شريف ۾ ڪثرت سان تلاوت ڪرڻ وارا
اهڙي طرح اسان جا بزرگانِ دين، اللّه پاڪ جا نيڪ ٻانها به عام ڏينهن ۾ ته تلاوت ڪندا هئا، رمضان شريف ۾ انهن جو شوقِ تلاوت وڌيڪ وڌي ويندو هو * ڪجهه اولياءِ ڪرام رمضان شريف ۾ ٽن راتين ۾ هڪ ختم پاڪ پورو ڪندا هئا * حضرت اَسْوَد رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه رمضان شريف ۾ هر ٻن راتين ۾ هڪ ڀيرو قرآن ڪريم ختم ڪندا هئا * امام نَخْعِي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو معمول هي هو ته رمضان شريف جي شروعاتي 20 ڏينهن ۾ هر ٽن ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو ختم قرآن فرمائيندا هئا ۽ پوين 10 ڏينهن ۾ هر ٻن راتين ۾ هڪ ڀيرو قرآن پاڪ ختم ڪندا هئا * حضرت قَتادَه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ هميشه (يعني سال جي عام ڏينهن ۾ به) 7 ڏينهن ۾ هڪ ختم پاڪ پورو ڪندا هئا، پر جڏهن رمضان شريف ايندو هو ته سندن شوقِ تلاوت وڌي ويندو هو ۽ پاڻ هر ٽن ڏينهن ۾ هڪ ختمِ قرآن پورو ڪندا هئا، جڏهن آخري عشرو (يعني پويان 10 ڏينهن) ايندو هو ته سندن تلاوت جو ذوق اڃان وڌيڪ وڌي ويندو هو ۽ روزانو هڪ ختمِ پاڪ پورو ڪندا هئا * امام شافعي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه رمضان شريف ۾ 60 ڀيرا قرآن پاڪ ختم فرمائيندا هئا * ۽ امامِ اعظم، امام ابو حنيفه رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو ڇا ته شان آهي، پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه رمضان شريف ۾ 61 قرآنِ ڪريم ختم فرمائيندا هئا.([2])
ڪاش! اسان کي به توفيق نصيب ٿئي، اسان به قرآن ڪريم جي تلاوت ڪيون.
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .
ہر روز میں قرآن پڑھوں کاش! خدایا اللہ! تلاوت میں مِرے دِل کو لگا دے
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد