Book Name:Aao Bhalai Ki Taraf
صراط الجنان ايپلي ڪيشن جو تعارف
اي عاشقانِ رسول! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! دعوتِ اسلامي اسان کي جديد ٽيڪنالاجي ذريعي به علمِ دين سکڻ ۽ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي۔ دعوتِ اسلامي جي آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ طرفان هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي وئي آهي، جنهن جو نالو آهي (Sirat ul Jinan Quran & Tafsir) (صراطُ الجنان قرآن اينڊ تفسير) هن ايپلي ڪيشن ۾ * مڪمل قرآنِ پاڪ * اعلى حضرت، امامِ اهلِ سنت، شاهه امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو لکيل ترجمو ڪنزُالايمان * آسان ترجمو، ترجمو ڪنزالعرفان * آسان انداز ۾ لکيل تفسير صراطُ الجنان شامل آهي * قرآن پاڪ، ترجمو ۽ تفسير آڊيو ۾ به ٻڌي سگهو ٿا * روزانو تلاوت ڪيون ويندڙ سورتن کي الڳ ترتيب سان جمع ڪيو ويو آهي * مدني چينل تي هلڻ وارا تفسيرِ قرآن ۽ مختلف قرآني پروگرام پڻ هن ايپ ذريعي آسانيءَ سان ڏسي سگهو ٿا * وڌيڪ هي ته قرآني آيتون، ترجمو ۽ تفسير واٽس ايپ (WhatsApp)فيس بُڪ (Facebook) وغيره تي پنهنجن دوستن ۽ رشتيدارن سان شيئر به ڪري سگهو ٿا. هن ايپلي ڪيشن کي پنهنجي موبائل ۾ انسٽال ڪري ڇڏيو پاڻ به علمِ دين سکو ۽ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو ثواب به حاصل ڪريو.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
* هر ڇنڇر تي اميرِ اهلِ سنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه مدني چينل تي لائيو هفتيوار مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن، ايندڙ ڇنڇر تي به مدني چينل تي رات (نماز تراويح) کان پوءِ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هفتيوار مدني مذاڪرو ٿيندو، (رمضان شريف ۾ روزانو عصر جي نماز ۽ تراويح جي نمازکان بعد مسلسل مدني مذاڪرن جو سلسلو ٿيندو رهندو) جنهن ۾ اميرِ اهلِ سنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه