Book Name:Aao Bhalai Ki Taraf
مقابلي ۾ دنيا جي ڌنڌن ۾ لڳي وڃون، جنت ۾ وٺي وڃڻ وارا ڪم ڇڏي، رڳو دنيا ٺاهڻ، دنيا ڪمائڻ، هتان جي عزت ۽ فاني شهرت جي پويان ئي لڳي وڃون، ته ٻڌايو! ڇا اسان پنهنجي اشرفُ المخلوقات هئڻ جو صحيح استعمال ڪيو؟ نه ڪيو.
هڪ بزرگ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: مان ننڍو ٻار هئس، تڏهن ايتري سمجهه نه هئي۔ هڪ دفعي والد صاحب مون کي چانديءَ جي منڊي وٺي ڏني۔ مان اها منڊي آڱُر ۾ پاتي ۽ ٻاهر نڪري ويس۔ مون کي هڪ ٺڳ، يعني ڌوڪيباز شخص ملي ويو. هن وٽ ڳُڙُ هيو۔ هن ڇا ڪيو؟ جو ٿورو ڳُڙُ منهنجي زبان تي لڳايو، مون چکيو ته مٺو لڳو، هاڻي هن چيو: پنهنجي هيءَ منڊي زبان تي لڳاءِ! مون منڊي زبان تي لڳائي، ظاهر آهي ان جو ته ڪو ذائقو ئي نه هو۔ هاڻي اهو ٺڳ چوڻ لڳو: ڏس، پُٽَ! مون وٽ جيڪا شيءِ آهي، اها تمام مزيدار آهي ۽ تو وٽ جيڪا آهي، ان جو ته ڪو ذائقو ئي ناهي، تنهنڪري تون پنهنجي اِها منڊي مون کي ڏئي ڇڏ ! ۽ هي مزيدار ڳُڙُ مون کان وٺي ڇڏ! ائين ان ٺڳ مون کي ورغلايو ۽ ڳُڙَ جي بدلي منڊي وٺي هليو ويو.([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! هي اسان کي سمجهائڻ لاءِ واقعو بيان ڪيو ويو آهي...!! اسان سان به شيطان ايئن ئي ڪندو آهي۔ اسان هينئر دنيا ۾ آهيون، تنهنڪري آخرت جو ذائقو ۽ اُتان جي نعمتن جو قدر ۽ قيمت اسان کي معلوم نه آهي. دنيا جيئن ته سامهون آهي تنهنڪري اسان کي تمام سٺي لڳي رهي آهي شيطان اسان کي دنيا ۾ لڳائي آخرت کان محروم ڪري ڇڏيندو آهي * رمضان شريف اچي رهيو آهي، هاڻي شيطان اسان کي دنياداري ۾ لڳائيندو * رمضان شريف ئي ته ڪمائي جي موسم آهي، هاڻي به نه ڪمايو ته ڪڏهن ڪمائينداسين؟ * عيد اچي رهي آهي، عيد جا خرچ به ته پورا ڪرڻا آهن * نماز ته پڙهندو ئي آهيان، الله پاڪ بس اها ئي قبول فرمائي، اهڙيون ڳالهيون سيکاري شيطان اسان کي نيڪين کان پري ڪري دنيا ۾ لڳائي ڇڏيندو آهي. هاءِ افسوس! اسان ان جي ڳالهين ۾ اچي رمضان شريف به غفلتن ۾ گذاري ڇڏيندا آهيون. ڪاش! اسان