Book Name:Aao Bhalai Ki Taraf
هڪ تمام خوبصورت ۽ عبرت ۽ نصيحت سان ڀرپور واقعو ٻڌو! ٽين صدي هجري، يعني خلافتِ بنو عباس جي دور جي ڳالهه آهي. هڪ ڀيري وقت جي خليفي صوبائي گورنرن جي شاندار دعوت رکي، جنهن جو مقصد گورنرن کي سندن اعليٰ ڪارڪردگي جي بنياد تي انعام ڏيڻ هو. ان وقت دارالخلافه (گاديءَ جو هنڌ Capital) بغداد شريف هو، جيئن ته صوبائي گورنر وڏي شان شوڪت سان بغداد پهتا. وقت جي خليفي انهن گورنرن کي تمام قيمتي لباس عطا ڪيا ۽ گورنر اهو ئي قيمتي لباس پائي دعوت ۾ شريڪ ٿيا. وقت جو خليفو به موجود هو، وزير، مشير ۽ وڏا وڏا گورنر به هئا، دعوت جا مزا ورتا پئي ويا، ان دوران اوچتو هڪ گورنر کي زور دار نِڇ آئي ۽ ساڳي وقت نڪ مان سِنگھ به نڪري آئي.
وقت جي خليفي جي موجودگي ۾ اهڙو معاملو...!! ويچاري گورنر کي تمام گهڻي شرمندگي محسوس ٿي، وڌيڪ مشڪل اها ٿي جو ان وقت وٽس ڪو ڪپڙو يا رومال وغيره به نه هو، تنهنڪري هن هڪ پاسي ٿي ڪري پاتل قيمتي لباس سان نڪ صاف ڪري ورتو. هن ويچاري جي قسمت خراب، جو عين ان وقت خليفي جون نظرون مٿس هيون، خليفي جڏهن ڏٺو ته منهنجي ڏنل قيمتي لباس سان نڪ صاف ڪيو پيو وڃي ته کيس ڏاڍي ڪاوڙ آئي، خليفي سڀني جي سامهون انهيءَ گورنر کي دڙڪا ڏنا ۽ کيس دعوت مان ڪڍي ڇڏيو. سڄي محفل جو ماحول بدلجي ويو، مزو خراب ٿي ويو. وزيرِ مملڪت جلديءَ مان محفل ختم ڪرائي ۽ خليفي کي خوش ڪرڻ ۾ لڳي ويو.
ان دعوت ۾ علائقي نهاوند جو گورنر ابوبڪر به موجود هو. عام طور تي جڏهن اهڙو معاملو ٿي وڃي ته غيبتن جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي، ماڻهو گهٽ وڌ ڳالهائيندا آهن، ڪاوڙ جو اظهار ڪندا آهن، جنهن شخص کان اهڙي حرڪت سرزد ٿئي ان جي غيبت ڪرڻ لڳندا آهن، پر گورنر ابوبڪر ائين نه ڪيو، هي ان واقعي کي ڏسي ڪنهن ٻي سوچ ۾ گم ٿي ويو. خير! محفل ختم ٿي، جڏهن خليفي جي ڪاوڙ ڪجهه گهٽ ٿي ته گورنر ابوبڪر خليفي وٽ ويو ۽ پنهنجي گورنري تان استعفا پيش ڪئي. خليفي ڪاوڙ مان پڇيو: ھاڻي ان جو ڇا مطلب آهي؟ گورنر ابوبڪر وراڻيو: خليفا حضرت...!! هيءُ هڪ قيمتي لباس